
تاريخ: 15 آگسٽ 2025
ناصر حسين شاه جو خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ جاني نقصان تي اظهارِ افسوس
ڪلاوڊ برسٽ ۽ ٻوڏ جي ريلا ۾ شهيد ٿيلن جي وارثن سان دلي همدردي
هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد اهلڪارن کي خراجِ عقيدت
ڪراچي (15 آگسٽ): سنڌ جي توانائي، ترقيات ۽ رٿابندي واري وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سيد ناصر حسين شاه خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڪلاوڊ برسٽ ۽ ٻوڏ سبب قيمتي جاني نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي۔ هن شهيد ٿيل ماڻهن جي وارثن سان دلي همدردي ڪندي چيو ته هو هن ڏک جي گهڙي ۾ سندن ساٿ سان گڏ آهن۔ ناصر شاه امدادي ڪمن لاءِ ويندڙ هيليڪاپٽر جي حادثي ۾ شهيد ٿيل اهلڪارن کي سلامِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته فرض شناسي، بهادري ۽ ايثار جي لازوال مثال قائم ڪندڙ شهيدن کي سر جهڪايو وڃي ٿو۔ ھن چيو جان جي پرواهه نه ڪندي خدمتِ خلق ۾ جان نثار ڪندڙ آفيسرن جي قرباني کي سلامِ عقيدت پيش ڪيان ٿو. پيپلز پارٽي اڳواڻ چيو ته خيبر پختونخوا جي متاثر علائقن جي عوام سان هر ڏکئي وقت ۾ گڏ آهيون۔ مون سميت سنڌ جا سڀ ماڻهو برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن تي تشويش رکن ٿا۔ اسان متاثرن جي تڪليف کي محسوس ڪري سگهون ٿا ۽ سندن بحالي لاءِ سڀ وسيلن کي ڪتب آڻڻ جو عزم رکن ٿا۔ سياست کان مٿانهون ٿي عوام جي خدمت اسان جي پهرين ترجيح آهي۔ يومِ اربعين امام حسينؑ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سيد ناصر حسين شاه چيو ته اهو ڏينهن باطل جي خلاف حق جي فتح جو ڏينهن آهي۔ هن چيو ته ڪربلا جو پيغام سڄي انسانيت لاءِ آفاقي پيغام آهي، حضرت امام حسينؑ جي جدوجهد ظلم خلاف ڊٽڻ جو درس ڏئي ٿي، ۽ هي ڏينهن عهدِ وفا جي تجديد جو لمحو آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته حضرت امام حسينؑ جي قرباني امت کي اتحاد، ڀائپي ۽ محبت جو پيغام ڏئي ٿي، ۽ لکين عقيدتمند پنڌ سفر ڪري روضو امام حسينؑ تي پهچن ٿا جيڪو هن عقيدت ۽ محبت جو عملي اظهار آهي۔
محمد شبيه صديقي
ڊائريڪٽر ميڊيا مينيجمينٽ
وزير توانائي ۽ پي اينڊ ڊي سنڌ


