
ڪراچي 22 آگسٽ 2024:-
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سان لاهور پريس ڪلب جي 17 رڪني وفد پريس ڪلب لاهور جي صدر محمد ارشد انصاري جي اڳواڻي ۾ سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي۔ ان موقعي تي ڊي آءِ جي هيڊڪوارٽر سنڌ، اي آءِ جيز، ايڊمن، ميڊيا اينڊ پبلڪ رليشنز ونگ، آپريشنز، ڊائريڪٽرانفارميشن ڊپارٽمينٽ سنڌ پڻ ان موقعي تي موجود هئا.
آءِ جي سنڌ چيو ته پاڪستان جي وڏي صوبي مان صحافين جو سنڌ جو دورو تمام خوش آئند آهي،اسان کي به ڏوهن جي خاتمي ۽ قانون جي قيام جي حوالي سان ڪجهه چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ سنڌ ۾ ڳوٺاڻن علائقن ۾ نظم و ضبط هڪ چئلينج آهي ٻين صوبن جي ماڻهن کي هني ٽريپ جي چنگل ۾ ڦاسائڻ ڪچي وارن علائقن ۾ ماڻهن کي ٺڳي يا لالچ ڏئي گهرايو ويندو آهي ۽ اهڙن ڏوهن جي روڪٿام لاءِ ڪچي روڊن تي قائم پوليس چوڪيون ۽ چيڪنگ جي ڪري پوليس 700 کان وڌيڪ شهرين کي هني ٽريپ کان بچائي ورتو آهي.هن چيو ته سنڌ حڪومت ڏوهن جي نون طريقن ۽ چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِپوليس کي جديد هٿيار فراهم ڪيا آهن،هن چيو ته گذريل 7 مهينن دوران سنڌ پوليس 45 مشهور ۽ خطرناڪ ڌاڙيلن ۽ مختلف گروهن جو خاتمو ڪيو آهي ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي واقعن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي،انگن اکرن موجب جنوري ۾ اسٽريٽ ڪرائم جو روزانو انگ 272 هو، جيڪو جولاءِ ۾ بتدريج گهٽجي 160 ٿي ويو آهي، جن ۾ ڏوهن جي خاتمي لاءِ چہرہ شناس ڪيمرائون نصب ڪيون ويون آهن ڏوهن تي پوليس ڪنٽرول پڻ مضبوط ڪيو.هن چيو ته سيف سٽي پروجيڪٽ کي نظر ۾ رکندي شهرين کي پنهنجي گهرن سميت ڪمرشل/صنعتي علائقن ۾ ڪيمرائون لڳائڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي ۽ ڪراچي شهر ۾ شهرين پاران پنهنجن گهرن ۽ ڪاروباري هنڌن تي لڳ ڀڳ 40 هزار ڪيمرائون لڳايون ويون آهن.
هن چيو ته سيف سٽي پروجيڪٽ جي پهرين مرحلي ۾ ايندڙ سال جون تائين شهر ۾ 1200 جي لڳ ڀڳ ڪئميرائون لڳايون وينديون.غلام نبي ميمڻ وفد کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت پوليس اسٽيشنن جي بجيٽ گهٽ ڪري آفيسرن جي آفيسن کي فراهم ڪري رهي آهي.جڏهن ته سنڌ حڪومت جاچ کاتي جي بهتري لاءِ ماهوار بنيادي پگهار کان علاوه ايڊوانس ڪيس الائونس جي فراهمي شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته پوليس اهلڪارن جي ڀلائي لاءِ 10 لک رپين تائين هيلٿ انشورنس پڻ ڪئي پئي وڃي
ان موقعي تي پريس ڪلب لاهور جي صدر چيو ته سنڌ ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ کنيل قدم ساراهه جوڳا آهن.
======================


