
ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران تعليمي سال 2026ع تحت ايل ايل ايم (ايوننگ) پروگرام ۾ داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ انسٽيٽيوٽ آف ميٿميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ 100 سيٽن لاءِ 71 شاگردياڻين سميت ڪل 326 اميدوارن داخلائن لاءِ پنھنجي قسمت آزمائي، انٽري ٽيسٽ ۾ 105 اميدوار غيرحاضر رھيا، جڏھن ته سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر ھڪ ڪلاڪ اندر ئي نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا، جيڪي يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيا ويا آهن. يونيورسٽي ترجمان موجب ٽيسٽ صبح جو 10 وڳي شروع ٿي ۽ 11:30 وڳي تائين بنا ڪنھن وقفي جاري رهي. ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري امتحاني مرڪز جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ايل ايل ايم قانون جي وڏي ۽ اهم ڊگري آهي، جنهن لاءِ داخلا حاصل ڪندڙ شاگردن کي ڀرپور محنت ۽ سنجيدگيءَ سان پڙهڻو پوندو. ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ يونيورسٽي قانون جي تعليم تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي ته جيئن ملڪ ۾ قانون تي ان جي روح موجب عمل ٿي سگھي، قانوني معاملن بابت عوامي شعور کي هٿي
ملي سگھي ۽ نئين نسل ۾ عدالتي شعور اجاگر ٿي سگھي. هن چيو ته يونيورسٽيءَ ۾ ايل ايل ايم پروگرام ڪيترن ئي سالن کان ڪاميابيءَ سان جاري آهي ۽ هن ڀيري پڻ بهترين انتظامن سان امتحان ورتو پيو وڃي. دوري دوران وائيس چانسلر سان گڏ فيڪلٽي آف لا جو ڊين احمد لقمان ميمڻ، انسٽيٽيوٽ آف لا مٺارام حيدرآباد جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سردار علي شاهه، انسٽيٽيوٽ آف ميٿميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عبدالوسیم شيخ، ڊائريڪٽر ايڊميشنز ڊاڪٽر اياز ڪيريو، ڊائريڪٽر اوريڪ ڊاڪٽر فرحت نورين، پروفيسر ڊاڪٽر امتياز ڪوريجو، پروفيسر ڊاڪٽر رياض حسين مري، پروفيسر اميد علي رند، ڊاڪٽر شاھمراد چانڊيو ۽ ڊائريڪٽر ڪيمپس سيڪيورٽي رفيق علي بروهي پڻ موجود هئا. امتحان دوران اميدوارن لاءِ سڪيورٽي، سيٽنگ ۽ ٻين سهولتن جا بهتر انتظام ڪيا ويا هئا، جڏهن ته ٽيسٽ جو عمل پرامن ۽ شفاف طريقي سان مڪمل ٿيو. ھوڏانھن ٽيسٽ جي ھڪ ڪلاڪ اندر سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر آفتاب چانڊيو نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا. نتيجن موجب دادو سان تعلق رکندڙ عمران گاڏھي 100 مان 73 مارڪون حاصل ڪري ٽاپ اسڪورر رهيو. ڪنڌڪوٽ – ڪشمور ضلعي جي ساجد علي جکراڻي ۽ ڄامشورو ضلعي جي غلام رسول ملاح 68-68 مارڪون حاصل ڪري ٻئي نمبر تي رھيا، جڏھن ته ڪشمور جي عبداللطيف ڏھاڻي 66 مارڪون کڻي ٽئين نمبر تي رھيو. اھڙيءَ طرح نوابشاھ ضلعي جي عزير احمد ملڪ ۽ ڄامشورو ضلعي جي محمد عاقب راڄپوت 64-64 اسڪور حاصل ڪري چوٿين نمبر تي رھيا.


