
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)
گذريل ڏينهن ٺٽي لڳ مڪلي غلام الله روڊ تي ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل ٻيو شاگرد راشد کَڏو به ڪراچي اسپتال ۾ زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو فوتي شاگردن جو انگ وڌي 2 ٿي ويو، تفصيل موجب گذريل ڏينھن لمس ڪئمپس ٺٽو ويندي غلام الله روڊ تي تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار مڪلي واسي هڪ شاگرد دشال ڪمار فوت ٿي ويو هو ۽ سندس دوست شاگرد راشد کڏو سخت زخمي ٿي پيو هو زخمي ٿيل پيپلز يوٿ ونگ جي اڳواڻ زاهد کڏو جي ڀاءُ راشد کڏو کي ٽراما اسپتال ڪراچي ۾ داخل ڪيو ويو هو جيڪو زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو حادثي ۾ ٻئي شاگرد جي فوت ٿيڻ تي لمس ٺٽو ڪئمپس جي شاگردن توڙي سندن وارثن ۾ سوڳ واري صورتحال ڇانيل جڏهن ته ڪراچي اسپتال ۾ فوت ٿيل شاگرد راشد کڏو جو جنازو دڙو منتقل ڪري کيس اڀاڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو


