حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جا هيٺاهين علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو امڪان.
پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ وڌيڪ برسات سبب صورتحال خراب ٿيڻ جو خدشو.
ڊيره غازي خان ۽ بلوچستان جي اوڀر ۽ ڏکڻ علائقن ۾ مقامي / برساتي ندي نالن ۾ طغياني جو امڪان.
اتر خيبرپختونخوا، مري، گليات ۽ ڪشمير ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب ٽريفڪ ۾ رڪاوٽ جو خدشو.
تيز برسات، آندهي ۽ گجگج سبب روزمره جا معاملا متاثر ٿيڻ ۽ ڪمزور انفرااسٽرڪچر (ڪچا گهر، ڀتيون، بجلي جا ٿنڀا، بل بورڊ، گاڏيون، سولر پينل وغيره) کي نقصان جو خطرو.
مسافر ۽ سياح وڌيڪ خبرداري اختيار ڪن، سفر کان اڳ موسم جي صورتحال کان واقف رهن.
اتوار (7 سيپٽمبر): سنڌ ۽ پنجاب ۾ گهڻين هنڌن تي آندهي ۽ گجگج سان گڏ برسات، جڏهنتہ ڪجھ هنڌن تي موسلا ڌار برسات جو امڪان. ڪشمير، خيبرپختونخوا ۽ اوڀر بلوچستان ۾ ڪجھ علائقن ۾ آندهي ۽ برسات، باقي ملڪ ۾ گرم ۽ سڪي موسم.
سومر (8 سيپٽمبر): سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ آندهي ۽ برسات، ڪجھ هنڌن تي موسلا ڌار برسات جو امڪان. اتر پنجاب، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ جزوي ابراهو، ڪجھ هنڌن تي برسات. باقي علائقن ۾ گرم ۽ سڪي موسم.
اسلام آباد ۽ ڀرپاسي:
اتوار تي آندهي ۽ گجگج سان گڏ برسات، ڪجھ هنڌن تي موسلا ڌار برسات جو امڪان.
سومر تي جزوي ابراهو، ڪجھ هنڌن تي برسات جو امڪان (امڪان 55%).


