
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو پريس ڪلب طرفان سينئر صحافي محمد عاشق پٺاڻ جي سالگرھ جي موقعي تي سندس سان رهاڻ رچائي شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صدر نويد لاڙڪ، نائب صدر مرتضيٰ ڪلهوڙو، جنرل سيڪريٽري عبدالقادر جاگيراڻي، جوائنٽ سيڪريٽري سلامت ابڙو، خزانچي منصور عباس ابڙو، سينئر صحافين ايم يونس ڏيٿو، ڊاڪٽر مولا بخش ڪلهوڙو، ڊاڪٽر بدر شيخ، معشوق اوڍاڻو، عبدالخالق مغيري، حنيف سهاڳ، محمود پٺاڻ، اعجاز چانڊيو، عبدالحفيظ منگي، خان راجا مگسي، نادر مائري، نديم سومرو، زين العابدين پٺاڻ، رشيد سمون، نادر ابڙو، اڪبر هيسباڻي، شهزاد پٺاڻ، شاھ محمد لاشاري، ساجد پيرزادو، راجا خان گاڏهي، علي گراماڻي، نصير محمد کهاوڙ، ذيشان کوکر، حميد ڀٽو سميت ڪيمرامينن ۽ فوٽوگرافرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.








ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صدر نويد لاڙڪ ۽ ٻين چيو ته سينئر صحافي محمد عاشق پٺاڻ پنهنجي صحافتي سفر ۾ دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو، مير مرتضيٰ ڀٽو، غنويٰ ڀٽو، اشرف عباسي سميت ڪيترن ئي ناليوارن سياسي، سماجي، مذهبي ۽ قومپرست اڳواڻن جا يادگار انٽرويو ڪرڻ سان گڏ پنهنجي قلم ۽ ڪيمرا ذريعي غريب، مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هنن چيو ته محمد عاشق پٺاڻ ملڪ جي ناليوارن ٽي وي چينلن توڙي اخبارن ۾ صحافتي ذميواريون نڀائي چڪو آهي، جنهن دوران هن ڪيترن ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ باوجود حق ۽ سچ جو ساٿ نه ڇڏيو، جڏهن ته هو نه صرف بهترين صحافي آهي، پر هڪ ڪامياب ڪاروباري شخص پڻ آهي، جنهن قلم جي پورهي سان گڏ ڪاروباري دنيا ۾ پڻ وڏو نالو ڪمايو آهي، هن وقت به سندس ٻه فرزند شهزاد ۽ زين پٺاڻ صحافتي خدمتون سرانجام ڏئي سندس نالو روشن ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي تقريب ۾ سينئر صحافي محمد عاشق پٺاڻ کي سنڌي پڳ، اجرڪ، ٽوپيون ۽ گلن جا هار پارائڻ سان گڏ کيس مڃتا طور شيلڊ ڏني وئي ۽ سندس جنم ڏينهن جو ڪيڪ ڪاٽي مبارڪون ڏئي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو.











