اي پي آءِ سنڌ يونيسيف جي سهڪار سان خانگی هوٽل ڪراچي ۾ خسرو ۽ روبيلا مهم تي ميڊيا بريفنگ جو انعقاد ڪيو ویو۔خسرو ۽ روبيلا ويڪسينيشن مهم 17 نومبر کان 29 نومبر تائين جاري رهندي

ڪراچي (رپورٽر)اي پي آءِ سنڌ يونيسيف جي سهڪار سان خانگی هوٽل ڪراچي ۾ خسرو ۽ روبيلا مهم تي ميڊيا بريفنگ جو انعقاد ڪيو ویو۔خسرو ۽ روبيلا ويڪسينيشن مهم 17 نومبر کان 29 نومبر تائين جاري رهندي.صحت جي ماهرن چيو ته مستقبل جي معمارن کي روبيلا ۽ خسرو جهڙين خطرناڪ بيمارين کان بچائڻ لاءِ سنڌ حڪومت 17 نومبر کان قومي ويڪسينيشن مهم شروع ڪري رهي آهي، جنهن دوران والدين کي پنهنجن ٻارن کي روبيلا ۽ خسرو کان بچاءُ جا ويڪسين ضرور لڳرائڻ گهرجي صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته 6 مهينن کان 5 سالن جي عمر جي ٻارن کي خسرو ۽ روبيلا کان بچاءُ جا ويڪسين لڳائڻ گهرجن.تقريب ۾ صحت جي ماهرن ۽ ميڊيا جي نمائندن شرڪت ڪئي.صحت جي ماهرن چيو ته خسرو هڪ وائرل انفيڪشن آهي جيڪو تيز بخار، کنگهه، نڪ وهڻ، اکيون ڳاڙهيون ٿيڻ ۽ هڪ خارش جو سبب بڻجندو آهي ، خسرو بیماري سنگين پيچيدگين جو سبب بڻجي سگهي ٿو۔سيشن ۾ ميڊيا ذريعي ٻڌايو ويو ته خسرو ۽ روبيلا تمام گهڻیون موتمار بيماريون آهن ۽ هن موذي بيماري خلاف احتياطي تدبيرون ڪيئن اختيار ڪيون وڃن ۽ ويڪسين لڳائڻ جا ڪهڙا فائدا آهن، صحت جي ماهرن پاران ان تي روشني وڌي وئي.اي پي آءِ سنڌ جي ايڊيشنل پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سهيل رضا شيخ، ويڪسينيشن بابت والدين جي فيصلن تي اثر انداز ٿيڻ ۾ ميڊيا جي اهم ڪردار تي زور ڏنو.ڊاڪٽر سهيل رضا شيخ وڌيڪ زور ڏنو ته سنڌ اميونائيزيشن اينڊ ايپيڊيمڪس ڪنٽرول ايڪٽ 2023 تحت، ٻارن لاءِ ويڪسينيشن ڪرائڻ لازمي آهي ۽ ڪنهن به انڪار يا رڪاوٽ کي سيڪشن 9 تحت سزا جوڳو جرم سمجهيو ويندو.
هن موقعي تي، ڊاڪٽر سهيل رضا شيخ، ايڊيشنل پروجيڪٽ ڊائريڪٽر، اي پي آءِ سنڌ، ڊاڪٽر ارسلان ميمڻ (ايم اينڊ اي آفيسر، اي پي آءِ سنڌ)، ڊاڪٽر محبوب، صوبائي نگراني آفيسر، اي پي آءِ سنڌ، ڊاڪٽر زيد بن عارف، اميونائيزيشن آفيسر، يونيسيف سنڌ، ڊاڪٽر خالد شفيع، ٻارن جي صحت جي ماهر، يونيسيف، ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏنا.

اپنا تبصرہ بھیجیں