شھيد محترمہ بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو طرفان بريسٽ ڪينسر جي آگاھي جي باري ۾ ھڪ ڏينھن وارو سيمينار منعقد ڪيو ويو

لاڙڪاڻو رپورٹ عاشق پٹھان شھيد محترمہ بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو طرفان بريسٽ ڪينسر جي آگاھي جي باري ۾ ھڪ ڏينھن وارو سيمينار منعقد ڪيو ويو.
تفصيل موجب وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاہ جي خاص ھدايتن تحت چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي حوالي سان ھڪ ڏينھن وارو آگاھي سيمينار سڏايو ويو ، جنھن ۾ ماھرن ڇاتيءَ جي ڪينسر جي حوالي سان ملٽي ميڊيا پريزنٽيشن پيش ڪيا.
پروگرام سرجري جي شعبي ۽ آنڪولاجي جي شعبي طرفان گڏيل طور تي منعقد ڪيو ويو ، سيمينار جي آرگنائيزر پروفيسر ڊاڪٽر اڪليمان اسد ۽ جڏھن تہ سيڪريٽري ڊاڪٽر عائشہ نبيل ھئي ،


تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاہ چيو تہ مثبت سوچ ئي دنيا مٽائي سگهي ٿي ، ھر ھنڌ مثبت شيون موجود آهن اھو اوھان تي آھي اوھان انھن کي ڪيئن ڳوليو ٿا، ھن چيو تہ اسان آڪٽوبر جي مھيني کي پنڪٽوبر ڪري ملھايو آھي جنھن ۾ ھر جمعي تي اسٽاف آفيسرن ۽ فيڪلٽي پنھنجي ڊريس ڪوڊ ۾ گلابي رنگ شامل ڪيو ، يونيورسٽيءَ سان منسلڪ ھر اداري ۾ آگاھي پروگرام رکيا ويا ، ريڊيو تي آگاھي انٽرويو منعقد ڪيا ويا ۽ اڄ ميگا ايونٽ منعقد ڪيو ويو ۽ ھڪ ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي حيثيت سان آگاھي ڏيڻ پڻ اسان جي ڊيوٽيءَ ۾ شامل آھي ، ھن آرگنائزنگ ٽيم کي بھترين پروگرام ڪرڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني
سيمينار کي خطاب ڪندي پرنسپال چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو پروفيسر ڊاڪٽر ضمير احمد سومرو چيو تہ آگاھي پروگرام ضرور ٿيڻ گهرجن ، بھتر ٿيندو ھر او پي ڊيءَ ۾ جتي عورتون اچن ٿيون کين ان حوالي سان اتي ڄاڻ ڏيڻ کپي.
سيمنار ۾ پروفيسر ڊاڪٽر اڪليمان اسد ميزبان جي حيثيت ۾ مھمانن جي آجيان ڪئي ۽ سيمينار جي افاديت جي باري ۾ ٻڌايو ، سيمينار ۾ ڊاڪٽر عائشہ نبيل ووٽ آف ٿينڪس پيش ڪيو۽ ملٽي ميڊيا پريزنٽيشن پيش ڪئي، انکان سواءِ ڊاڪٽر مشعل جتوئي ، ڊاڪٽر مسرت ۽ ڊاڪٽر سھيل احمد سومرو ڇاتيءَ جي ڪينسر ، انجي تشخيص ۽ علاج بابت ڄاڻ فراھم ڪئي ۽ ماھرن سيمينار ۾ ڄاڻ ڏني تہ پاڪستان ۾
گذريل سال 90 ھزار عورتون بريسٽ ڪينسر جو شڪار ٿيون جنھن ۾ بروقت علاج نہ ھجڻ ڪري 30 ھزار عورتون موت جو شڪار ٿيون ۽ ٻڌايو تہ ماءُ جو ٿڃ نہ پيارڻ پڻ ڇاتيءَ جي ڪينسر جو سبب آھي ۽ قرآن پاڪ ۾ پڻ ٻہ سال ٿڃ پيارڻ حڪم آھي ، واڪ ۽ ورزش نہ ڪرڻ ۽ اسٽريس پڻ ڪينسر جو ھڪ وڏو سبب آھي ،
سيمينار ۾ ميڊيا ڪوآرڊينيٽر عبدالصمد ڀٽيءَ جو لکيل اسٽيج ڊرامو چانڊڪا ڪاليج جي ٽين سال جي شاگردن طرفان پيش ڪيو ويو جنھن جو موضوع ھيو ماءُ کي مرڻ نہ کپي
سيمينار ۾ ڊين پروفيسر ڊاڪٽر شاھدہ مگسي، پروفيسر حاڪم علي ابڙو ، ڊاريڪٽر اڪيڊمڪ پروفيسر شاھد حسين سومرو ، ڊاريڪٽر اڪيڊمڪ ڊاڪٽر مير حسن کوسو ، پرنسپال نرسنگ ڪاليج پروفيسر غلام عباس پنھور ، ڊاريڪٽر فارميسي پروفيسر وسيم عباس ، ڊاريڪٽر فزيوٿارپي ڊاڪٽر مڪيش ڪمار ، لينار جي ماھر ڊاڪٽرياڻي ارم ناز ، پروفيسر شائستہ حفاظ ، ڊاڪٽر ياسمين خالق ، وائيس پرنسپال چانڊڪا ڊاڪٽر فوزيہ چانڊيو ، سيڪيورٽي انچارج ڪامران عباسي ، ڊپٽي ڊاريڪٽر آءِ ٽي وحيد زمان سميت وڏي تعداد ۾ فيڪلٽي ، آفيسرن ۽ وڏي تعداد ، پيراميڊيڪ اسٽاف ۽ مختلف تعليمي ادارن مان آيل شاگردياڻين پڻ شرڪت ڪئي ۽ آخر وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاہ جي قيادت ۾ سمورن شرڪاء آگاھي واڪ ۾ شرڪت ڪئي

اپنا تبصرہ بھیجیں