مڪلي جي تاريخي ماڳ تي نيشنل پريس ڪلب ٺٽو جي سهڪار سان 2 روزا ڪتابي ميلو لڳايو ويو

ٺٽو (رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)
مڪلي جي تاريخي ماڳ تي نيشنل پريس ڪلب ٺٽو جي سهڪار سان 2 روزا ڪتابي ميلو لڳايو ويو جنھن جو افتتاح اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو محقق ۽ تاريخدان ڊاڪٽر محمد علي مانجهي پاران ڪيو ويو نيشنل پريس ڪلب ٺٽو جي اڳيان انمول ڪتاب گهر جي سهڪار سان لڳايل 2 روزا ڪتابي ميلي جي پهرين ڏينهن تي وڏي انگ ۾ ماڻھن سماجي علمي ادبي ڌرين استادن شاگردن پهچي ڪتاب خريد ڪيا ڪتابي ميلي ۾ علم ادب تاريخ سائنس توڙي شاعري سميت مختلف موضوعن تي ڪتاب ميلي ۾ رعايتي اگھ تي موجود آھن ڪتابي ميلي جي افتتاح جي موقعي تي اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو چيو ته ڪتابي ميلو لڳائڻ انتهائي خوش آئين عمل آھي ماڻھن کي ڪتاب پڙھڻ گهرجن ڪتابن سان ماڻھن جي شعور ۾ اضافو ٿئي ٿو سنڌ جي پاڻي ڪيس سميت اجتماعي معاملن کي ڀرپور نموني سان پيش ڪرڻ لاء سنڌ جي سياستدانن کي به ڪتاب پڙھڻ گهرجن ان موقعي تي ناليواري اديب ۽ محقق ڊاڪٽر محمد علي مانجهي شاعر ۽ اديب رمضان ميمڻ سلمان جاکرو فقير عبدالصمد جوکيو گسٽا اڳواڻ غلام نبي خشڪ ليکڪ اوڀايو خشڪ ۽ ٻين چيو ته نيشنل پريس ڪلب ٺٽو جي سهڪار سان لڳايل ڪتابي ميلو هتان جي شعور جي آبياري ڪري ٿو ڪتاب خريد ڪرڻ سان سڄو خاندان ڪتاب مان مستفيد ٿئي ٿو اسان کي ڪتاب طرف ماحول پيدا ڪرڻ لاء اهڙيون صحتمند سرگرميون جاري رکڻ گهرجن ان موقعي تي انمول ڪتاب گهر جي سرپرست نظير ميمڻ اعلان ڪندي چيو ته مڪلي تي لڳايل 2 روزا ڪتابي ميلي ۾ مختلف موضوعن تي لکيل ڪتاب 20 کان 40 سيڪڙو تائين جي رعايت سان ڏنا ويندا ۽ ٻارڙن توڙي شاگردن لاء پڻ خصوصي رعايت ڪئي وئي آھي

اپنا تبصرہ بھیجیں