
ڪراچي
28 آڪٽوبر 2025
سنڌ حڪومت پارنا ڪراچي کانپوءِ حيدرآباد، سکر لاڙڪاڻي ۾ عورتن ۽ شاگردياڻين لاءِ اسڪوٽي جي ٽريننگ شروع ڪرڻ جو اعلان
سنڌ جي وڌيڪ ٽن ضلعن ۾ پيپلز بس سروس جي دائري کي وڌائڻ جو بھ فيصلو
يلو لائن بي آر تي جي اھم حصي تاج حيدر پل کي عام عوام لاءِ کولڻ جو بھ فيصلو ڪيو ويو
ڪراچي ۾ گلشن معمار کان ٽاور تائين اي وي بسن جو نئون روٽ شروع ڪرڻ جو بھ اعلان
سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جو اھم اجلاس، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ايم ڊي ايس ايم ٽي اي ڪنول نظام ڀٽو ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر شريڪ
اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي جي جاري ۽ ايندڙ رٿائن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي
سنڌ سرڪار عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رھي آھي، شرجيل انعام ميمڻ
حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ ملازمت پيشو عورتن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ اسڪوٽيز ھلائڻ جي تربيت شروع ڪئي پئي وڃي، شرجيل انعام ميمڻ
عورتن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ اسڪوٽيز ھلائڻ جي سکيا نجي ڪمپني جي اشتراڪ سان ڏني وئي وڃي، شرجيل انعام ميمڻ
ھي سکيا رڳو چرپر جو ذريعو نھ پر عورتن جي خودمختياري ۽ روزگار جا موقعا وڌائڻ ڏانھن ھڪ اھم قدم آھي، شرجيل انعام ميمڻ
سکيا مڪمل ڪندڙ عورتن کي مفت ۾ ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪيا ويندا تھ جيئن ڪنھن بھ مالي بار جو منھن نھ ڏسڻو پوي، شرجيل انعام ميمڻ
يلو لائن بي آر ٽي جو ھڪ اھم سيڪشن تاج حيدر پل مڪمل ٿي چُڪو آھي ۽ جلد ئي عوام جي لاءِ کوليو پيو وڃي، شرجيل انعام ميمڻ
گلشن معمار کان ٽاور تائين 15 اي وي بسن تي ٻڌل نئون روٽ شروع ڪيو پيو وڃي، جيڪو شھرين کي جديد ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽ جي سھولت مھيا ڪندو، شرجيل انعام ميمڻ
خيرپور، شڪارپور، نوشھرو فيروز ۾ بھ پيپلز بس سروس تحت 20 نيون بسيون ھلايون وينديون تھ جيئن سنڌ جي ٻين شھرن کي سفري جو معياري سھولتون ملي سگھن، شرجيل انعام ميمڻ
ڊبل ڊيڪر ۽ اي وي بسن جي نئين کيپ جلد ڪراچي پھچڻ واري آھي، شرجيل انعام ميمڻ
ھلندڙ سال ڊسمبر جي مھيني ۾ اي وي ٽيڪسي سروس بھ شروع ڪرڻ وڃي رھيا آھيون، شرجيل انعام ميمڻ
ابتدائي مرحلي ۾ ٽيھھ پنڪ اي وي ٽيڪسين جي لاءِ عورت ڊرائيورز کي سکيا ڏيڻ جو منصوبو شروع ڪيو پيو وڃي، شرجيل انعام ميمڻ


