
ٽنڊوڄام (پريس رليز) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي وائيس چانسلر پروفيسر انجنيئر ڊاڪٽر الطاف علي سيال جي ڏھ مهينن جي مدي دوران علمي، تحقيقي ۽ اداري سطح تي غيرمعمولي ترقي کي ھٿي ملي، جنوري کان آڪٽوبر 2025ع تائين يونيورسٽي ۾ تحقيق، عالمي ادارن سان معاھدن ۽ علمي انتظامن ۾ نمايان ڪاميابيون ماڻيون، وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال 10 مھينن دوران يونيورسٽي ۾ ڪيتريون ئي بين الاقوامي ڪانفرنسون منعقد ٿيون، جن ۾ پهرين زرعي ترقي ۽ عورتن جي بااختياري بابت گھڻ ملڪي ڪانفرنس، عمرڪوٽ ڪئمپس ۾ ميڊيسنل پلانٽس ۽ چراگاهي وسيلن تي بين الاقوامي ڪانفرنس، ٻي پلانٽ پروٽيڪشن سائنسز تي بين الاقوامي ڪانفرنس ۽ پهرين بين الاقوامي سوائل سائنس ڪانفرنس پڻ شامل هيون۔ اھڙين ڪانفرنسز دوران ملڪي ۽ غيرملڪي ماهرن جديد تحقيق، پائيدار زراعت ۽ جدت آميز طريقن تي پنھنجي تحقيقي مقالا پيش ڪيا، يونيورسٽي جي مختلف فيڪلٽين ــ جهڙوڪ ڪراپ پروڊڪشن، اينيمل هسبنڊري ۽ ويٽرنري سائنسز، ايگريڪلچرل انجنيئرنگ، ۽ سوشيل سائنسز ۾ 40 کان وڌيڪ پي ايڇ ڊي سيمينار ڪرايا ويا، جيڪي تحقيق جي واڌاري ۽ اعليٰ تعليم جي تسلسل جي علامت آهن، ڊاڪٽر الطاف علي سيال جي سربراھي ۾ سئنڊڪيٽ، بورڊ آف ايڊوانسڊ اسٽڊيز اينڊ ريسرچ، اڪيڊمڪ ڪائونسل، ۽ فنانس اينڊ پلاننگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن سان علمي ۽ انتظامي معاملن ۾ تسلسل ۽ اثرائتي اڳڀرائي ممڪن ٿي، علمي سرگرمين سان گڏ ثقافتي ۽ هم نصابي سرگرمين کي به هٿي ڏني وئي، جن مان فئبروري 2025 ۾ ٿر ٽريڊيشنل اينڊ ڪلچرل فيسٽيول منعقد ٿيو، جنھن ۾ شاگردن جي تخليقي صلاحيتن سان گڏ ثقافتي هم آهنگيءَ جو مظاھرو ڪيو، ان کان علاوه، سنڌ زرعي يونيورسٽي پنهنجي بين الاقوامي علمي لاڳاپن کي وڌائيندي چين، ايران ۽ آذربائيجان سميت مختلف ملڪن جي يونيورسٽين سان يادداشتن جا معاهدا صحيح ڪيا، جن ۾ گڏيل تحقيق، استادن جي مٽاسٽا ۽ اعليٰ تعليم جا پروگرام شامل آهن۔ مقامي سطح تي ٽيڪنالاجي ادارن سان به شراڪت ذريعي شاگردن لاءِ ڊجيٽل لرننگ ۽ آئي ٽي مهارتن جي ترقيءَ لاءِ قدم کنيا ويا، ان موقعي تي ڳالهائيندي پروفيسر انجنيئر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته هن جو بنيادي مقصد يونيورسٽي جي تحقيقي صلاحيت، اداري لاڳاپن ۽ انتظامي ڪارڪردگي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ هو۔ هن چيو تہ استادن، عملي ۽ شاگردن جي گڏيل محنت سان اهي ڪاميابيون ممڪن ٿيون، ۽ مون کي پڪ آهي ته اها اڳڀرائي مستقبل ۾ به يونيورسٽي لاءِ فائدي مند ثابت ٿيندي۔
https://www.youtube.com/watch?v=hQrgXHyloa0
https://www.youtube.com/watch?v=3TYKCHHyWLE
https://www.youtube.com/watch?v=Og1oCCN140c
https://www.youtube.com/watch?v=WQhlhKgdnoc
https://www.youtube.com/watch?v=zF992qgrdRg


