واٽر ڪارپوريشن نارتھ ايسٽ پمپنگ اسٽيشن تي K-II لائين جي مرمت جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو.

ڪراچي( )واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي تہ نارتھ ايسٽ پمپنگ اسٽيشن تي K-II جي 48 انچ قطر واري رائيزنگ مين لائين ۾ پاڻي ليڪ ٿيڻ جو معاملو سامهون آيو جنهن بعد واٽر ڪارپوريشن هنگامي بنيادن تي مرمتي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي۔ ترجمان موجب K-II پمپنگ اسٽيشن جي 48 انچ قطر واري مرڪزي پاڻي جي لائين جي مرمت دوران لاڳاپيل وال کي بہ تبديل ڪيو ويندو. ترجمان چيو تہ مرمتي ڪم 24 ڪلاڪ لڳاتار شفٽن ۾ جاري رهندو تہ جيئن شهرين کي گهٽ ۾ گهٽ تڪليف ٿئي ۽ لائين کي جلد بحال ڪيو وڃي. ترجمان ٻڌايو تہ مرمتي ڪم کي 48 ڪلاڪن اندر مڪمل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. مرمتي سرگرمين سبب نارتھ ايسٽ پمپنگ اسٽيشن جي 11 مان 3 پمپس کي عارضي طور بند ڪيو ويو آهي جڏهن تہ ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي بہ هڪ پمپ مرمتي ضرورت سبب بند رکيو ويو آهي. ترجمان چيو تہ مرمتي ڪم دوران صفورا ٽائون، نارتھ ناظم آباد، گلبرگ ٽائون، لياقت آباد ٽائون ۽ گلشنِ اقبال جي ڪجھ علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي معطل رهندي، تنهنڪري شهرين کي اپيل آهي تہ ھوءَ پاڻي جو ذخيرو ڪن ۽ ان کي احتياط سان استعمال ڪن. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو تہ ڪراچي شهر کي روزانو مجموعي طور 650 ايم جي ڊي پاڻي فراهم ڪيو ويندو آهي جڏهن تہ مرمتي سرگرمين دوران لڳ ڀڳ 150 ايم جي ڊي پاڻي جي کوٽ ٿيندي. ان جي باوجود شهر کي 500 ايم جي ڊي پاڻي جي فراهمي معمول مطابق جاري رهندي تہ جيئن شهرين کي وڌيڪ تڪليف جو منهن نہ ڏسڻو پوي.

اپنا تبصرہ بھیجیں