ننڍي عمر وارين پاڪستاني عورتن ۾ ڇاتي جي ڪينسر جا ڪيس رپورٽ ٿيڻ پريشان ڪن ڳالهه آهي، پروفيسر جهان آرا

ڪراچي:
ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي پرو وائس چانسلر پروفيسر جهان آرا چيو آهي ته ننڍي عمر وارين پاڪستاني عورتن ۾ ڇاتي جي ڪينسر جا ڪيس رپورٽ ٿيڻ انتهائي تشويشناڪ آهن. هن ٻڌايو ته 25 سالن کان گهٽ عمر وارين عورتن ۾ به ڇاتي جي ڪينسر جا ڪيس سامهون اچي رهيا آهن، جيڪو سنجيده صورتحال آهي.

پروفيسر جهان آرا چيو ته ننڍي عمر وارين ڇوڪرين کي گهرجي ته هو پاڻ جو باقاعده ذاتي معائنو ڪن، ۽ جيڪڏهن ڪا گانٺ يا غيرمعمولي تبديلي محسوس ٿئي ته فوري طور ڊاڪٽر سان رابطو ڪن. جڏهن ته 30 سالن کان مٿي عمر وارين عورتن کي به باقاعدي چيڪ اپ ڪرائڻ گهرجي. اڳ ۾ زور 40 سالن کان مٿي عورتن لاءِ ڏنو ويندو هو، پر هن چيو ته ڇاتي جي ڪينسر جي ابتدائي مرحلي ۾ سڃاڻپ ئي زندگي بچائڻ جو اهم ذريعو آهي.

هن ٻڌايو ته آڪٽوبر جي مهيني ۾ ڊائو انسٽيٽيوٽ آف ريڊيالاجي طرفان ميموگرافي سميت ڇاتي جي ڪينسر جا مختلف ٽيسٽ وڏي رعايت سان ڪيا پيا وڃن.

اهي ڳالهيون هن ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي اهتمام هيٺ منعقد ٿيل “بريسٽ ڪينسر آگاهي سمپوزيم” ۾ مهمانِ خاص جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيون. سمپوزيم ۾ ڊاڪٽر نسرين ناز (ڊائريڪٽر ڊائو انسٽيٽيوٽ آف ريڊيالاجي)، ڊاڪٽر انيلا ناز، ڊاڪٽر سميتا اسد، ڊاڪٽر عائشہ، ڊاڪٽر عميمه سليم، ڊاڪٽر نوشين فاطمه، ڊاڪٽر شائسته افضل، ڊاڪٽر پارس ۽ ٻين به خطاب ڪيو.

پروفيسر جهان آرا چيو ته هر اٺ عورتن مان هڪ عورت ڇاتي جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿئي ٿي، پر جيڪڏهن بيماري کي شروعاتي مرحلي ۾ سڃاتو وڃي ۽ طرزِ زندگي ۾ تبديلي آندي وڃي ته وڌندڙ موت جي شرح کي گهٽائي سگهجي ٿو.

پروفيسر نسرين ناز چيو ته پاڪستان ۾ 23 لک کان وڌيڪ عورتون ڇاتي جي ڪينسر ۾ مبتلا آهن، جنهن سبب پاڪستان دنيا جي انهن ملڪن مان هڪ آهي جتي اهو مرض وڏي انگ ۾ موجود آهي. هن ٻڌايو ته 24 ڪلاڪن ۾ سڄي دنيا ۾ لڳ ڀڳ 109 عورتون ڇاتي جي ڪينسر سبب فوت ٿي وڃن ٿيون، جڏهن ته پاڪستان ۾ هر سال لڳ ڀڳ 90 هزار نوان ڪيس سامهون اچن ٿا، جيڪو انتهائي پريشان ڪن انگ آهي.

هن وڌيڪ چيو ته گهڻيون عورتون پاڪستان ۾ هن بيماري بابت ڄاڻ نه رکن ٿيون، ۽ جيڪي ڄاڻن ٿيون سي به باقاعدي معائنو نٿيون ڪرائين. ڊائو يونيورسٽي ۾ بائيوپسي، ٽوموگرافي، ميموگرافي ۽ ٻين جاچن جون سهولتون اوجھا ڪيمپس ۽ اسٽِيڊيم روڊ تي واقع ايل اي جي ڪيمپس ۾ موجود آهن.

ڊاڪٽر انيلا رحيم چيو ته آڪٽوبر جو مهينو سڄي دنيا ۾ ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي مهيني طور ملهائبو آهي. هن ٻڌايو ته ڇاتي جو ڪينسر دنيا ۾ عورتن ۾ ٿيندڙ سڀني ڪينسرز جو 21 سيڪڙو آهي. جيڪڏهن ڪنهن عورت کي بي درد گانٺ به محسوس ٿئي ته اهو به ڪينسر ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته درد واري گانٺ اڪثر ڪري انفڪشن هوندي آهي. هن شاگردياڻين کي تجزيو ڪرڻ ۽ جاچ جي اهميت تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

تقريب جي آخر ۾ پروفيسر جهان آرا مقررِين ۽ شرڪائن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا.

اپنا تبصرہ بھیجیں