
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) يوسي جھمپير جي ڪوھستاني ڊومان مڪان جي ڳوٺ صوفن جاکرو جي ڪيترن ئي متاثر رھواسين جان محمد جاکرو، قادر بخش جاکرو، ڪوھستاني انور جاکرو، دوست علي، نواز، علي محمد جاکرو ۽ ٻين ٺٽي ۾ وزير اعلي سنڌ جي معاون خاص پ پ پ ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي، پ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو ۽ ضلعي ڪائونسل ٺٽو جي ميمبر وڏيرو رسول بخش جاکرو سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪري کين سندن ڪوھستاني زمينن تي بااثر ماڻھن پاران ڪيل قبضن توڙي ٿيندڙ والارن سان گڏ مزاحمت تي بااثر ماڻھن جي ھٿياربندن پاران مٿن ڪيل حملن جون دانھون ڏيئي کين پنھنجي ئي زمينن مان بيدخل ڪرڻ جون دانھون ڏيندي ڇيو تہ ھو ابن ڏاڏن کان وٺي ڪوھستاني پٽي ۾ ڳوٺ آباد ڪري ويٺل آھن، پر ھاڻي ٿورڙي وقت ۾ بااثر ماڻھن جي لٿل لوڌن سندن اباڻي ملڪيتن، زمينن تي قبضا ڪري کين بيدخل ڪرڻ چاھين ٿا، کين ان عمل تان روڪڻ تي مٿن حملا ڪري کين زخمي ڪري موتمار ڌمڪيون ڏنيون ٿيون وڃن، پر سندن ڪير بہ مالڪي ڪرڻ وارو ناھي، ان موقعي تي وزير اعلي سنڌ جي معاون خاص پ پ پ ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي چيو تہ ڪوھستاني ماڻھون اڪيلا ناھن، جو ھو ھنن جي ملڪيتن تي قبضا ڪري کين بيدخل ڪري ڇڏين، سيد رياض حسين شاھ شيرازي ڊي سي ٺٽو ۽ مختيارڪار ٺٽو سان فون تي رابطو ڪري کين ھدايت ڪئي تہ ھو سندن ڪوھستان جي رھواسي ووٽرن سان ناانصافيون ڪرڻ بند ڪن، ڪوھستان جي رھواسين جي ملڪيتن تي ڪنھن کي بہ قابض ٿيڻ نہ ڏينداسين. ھن متاثر ڳوٺاڻن کي يقين ڏياريون تہ ساڻن ٿيندڙ ناانصافين جو ازالو ڪرائي سندن ملڪيتن کي بااثر ماڻھن جي قبضن توڙي والارن کان بچائي کين پنھنجا حق ڏياريا ويندا، ھوڏانھن پ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو ۽ ضلعي ڪائونسل ٺٽو جي ميمبر وڏيرو رسول بخش جاکرو بہ متاثر جاکرا برادري جي ماڻھن کي خاطري ڪرائي تہ ھو ساڻن گڏ آھن، سندن ملڪيتن جو تحفظ ڪرائي کين محفوظ بڻايو ويندو.
===========================
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي عھديدارن تاج جويي، آزاد انور، فائزہ ايوب، خطائي ٿيٻي، حسين سارنگ ۽ رمضان ميمڻ پنھنجي گڏيل پريس پڌرائي ۾ پاڪستان جي قومي اسيمبلي جي ان فيصلي، بل کي رد ڪيو آھي، جنھن موجب پ پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) جي ميمبرن پاران ڪراچي ڊويزن جي رھواسين لاءِ ڊوميسائل جو شرط ختم ڪري شناختي ڪارڊ کي ئي ڊوميسائيل سمجھڻ جو بل پاس ڪيو ويو آھي. سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي عھديدارن چيو آھي تہ ھي بل سنڌين کي ٿورائيءَ ۾ بدلائڻ جي سازش آھي، جيڪا ڪنھن بہ صورت ۾ برداشت نہ ڪبي. ھنن اھو بل واپس وٺڻ جي گھر ڪئي آھي.
=========================
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) دڙي شھر لڳ ڳوٺ وڏيرو محمد سومار سميجو جو رھواسي پيرسن محمد سومار سميجو پريس ڪلب مڪلي پھچي صحافين اڳيان دانھيندي چيو آھي تہ سندس نوجوان 25 سالہ پٽ وسيم سميجو ڪالھ گھران نڪري ٻيلو شھر پھچي اتان سوزوڪي وسيلي ٺٽي پھچي اتان پراسرار نموني گم ٿي ويو آھي، سندس ڳولا ڪندي ٺٽي ۽ مڪلي بہ پھتا آھيون پر سندس پٽ جو ڪٿان بہ ڪو ڏس پتو پئجي ناھي سگھيو، جنھن جو دماغي توازن بہ درست ناھي، ھن وس وارن کي پنھنجي گم ٿي ويل پٽ وسيم سميجو جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي اھي.
========================
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي جي صحافي عزيز جوڳي جو والد ٺٽي شھر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، کيس مڪلي جي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو، ٻئي طرف علي بحر لڳ ڳوٺ محراب سولنگي جي رھواسي وڏيري محمد علي سولنگي جو ڀاء اميد علي سولنگي
لاڏاڻو ڪري ويو، جنھن جي جنازي نماز علي بحر تي ادا ڪرڻ بعد کيس سونڊا جي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو، سندن جنازن ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن، شھرين، صحافين، ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سندن تڏا سندن گھرن تي وڇايا ويا اھن، جتي فوتين جي وارثن سان تعزيتن جو سلسلو جاري آهي.
=========================


