
لاڑکانہ رپورٹ محمد عاشق پٹھان
لاڙڪاڻه چيمبر آف ڪامرس ائنڊ انڊسٽري جي ايگزيڪٽو ڪاميٽي جي ميمبر ۽ آل فيڊريشن ايسوسيئيشنس جي صدور جن جو اجلاس جناب مير روحل خان کوسو، ايس.ايس.پي. لاڙڪاڻه جن سان شهر جي امن و امان جي تمام خراب صورتحال وڌنڌڙ تي لاڙڪاڻه چيمبر آف ڪامرس ائنڊ انڊسٽري جي صدر جناب احمد علي شيخ جن جي صدارت ۾ ٿي گذريو.
لاڙڪاڻو چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر جناب احمد علي شيخ صاحب، ايس.ايس.پي. لاڙڪاڻه جناب مير روحل خان کوسو کي ڀليڪار پيش ڪيو ۽ ضلعي لاڙڪاڻي اندر وڌندڙ تمام خراب بدامني تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. واپاري برادريءِ چيو ته پوليس جي بيڌياني سبب شهري ۽ واپاري پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيا آهن. انهن چيو ته شهر ۾ روزانو ڦرلٽ جون وارڌاتون عام ٿي چڪيون آهن پر انتطاميا ڪو اهڙو خاطر خواه ردي عمل نه پئي ڪري. اجلاس ۾ بدامني کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ واپاري برادريءَ جي اڳواڻن چيو ته انتظاميا کي چتاءُ ٿا ڏيون ته ٿيل وارڌاتن کي واپس ڪرائڻ سميت بدامنيءَ تي ڪنٽرول ڪيو وڃي. واپاري برادي ايس ايس.پي لاڙڪاڻو جن کي وڌيڪ آگاه ڪيو ته شهر ۾ نفري جي تما۾ سخت ضرورت جنهن ۾ مين بازاريون ريشم گلي ۾ ليڊيز ڪانسٽبل، شاهي بازار، صديقي بازار ،جيلس بازار پڻ آهي. واپاري برادري وڌيڪ چيو ته لاڙڪاڻو شهر منشيات واپرائڻ ۾ مکيه بڻجي ويو آهي. آخر ۾ جناب مير روحل خان کوسو


ڳالهائيندي چيو ته هي لاڙڪاڻي شهر ۾ پڙهيو آهي ۽ هي امن و امان کي بهتر ڪرڻ ۾ واپاري برادريءِ کي يقين ڏياريو ته شهر جو امن و امن جو ماحول ڪنٽرول ڪرائينداسين. هن واپاري برادريءِ جا ڪافي مسئلا ٻڌا ۽ حل ڪرائڻ جي يقين ڌياني ڏياري. ايس.ايس.پي. لاڙڪاڻه وڌيڪ چيو ته مان هر مهيني چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي عهديدارن سان ملاقات پڻ ڪندس.
هن اجلاس ۾ ، عبدالواحد شيخ، سينئر نائب صدر، پون ڪمار نائب صدر، خير محمد شيخ، محمد اسلم، محمد علي، نول را۽، حافظ محمد سليمان، منور نديم، محمد آعظم، مسعود احمد، وسيم احمد، وقار علي، لياقت علي، نثارالله، عبدالرزاق بروهي، بدرالدين ابڙو، نظر حسين چنه، احمر رحمت، علي رضا کوکر، رميش لال، هريش لال، عبدالستار شيخ، اطهر علي، سريش، مجاهد، علي گوهر شيخ، غلام مرتضي، ۽ ٻين واپارين پڻ شرڪت ڪئي.
Load/Hide Comments


