54 ڪروڙ رپين جي فراڊ ڪيس ۾ ناديه حسين جي مڙس عاطف خان جو 5 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور


54 ڪروڙ رپين جي فراڊ ڪيس ۾ ناديه حسين جي مڙس عاطف خان جو 5 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور

ڪراچي جي جڊيشل ڪورٽ 54 ڪروڙ رپين جي فراڊ ڪيس ۾ مشهور ماڊل ناديه حسين جي مڙس عاطف خان کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو.

ايف آءِ اي ڪروڙين رپين جي فراڊ واري ڪيس ۾ ماڊل ناديه حسين جي مڙس عاطف خان کي جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو.

جاچ آفيسر جوابدار جي 11 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي جنهن تي عدالت جوابدار جي جسماني رمانڊ ۾ 5 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.

ناديه حسين جو مڙس عاطف خان ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار

عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کان پيش رفت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ايف آءِ اي موجب فراڊ ۾ ملوث وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪرڻو آهي. گرفتار جوابدار 54 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي فراڊ ۾ ملوث آهي.

واضح رهي ته عاطف احمد خان کي ايف آءِ اي ڪارپوريٽ ڪرائم سرڪل ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز 6 ۾ سندس گهر تي ڇاپو هڻي گرفتار ڪيو هو.

اپنا تبصرہ بھیجیں