سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪينيڊين هاءِ ڪمشنر مس ليسلي اسڪينلن سان ملاقات ۾ چيو آهي ته سندس حڪومت ڪراچي ٽرانسفارميشن پروجيڪٽ ذريعي شهر کي رهڻ لائق بڻائڻ ۽ سيڙپڪاري آڻڻ لاءِ انفراسٽرڪچر کي بهتر ڪري رهي آهي.


ڪراچي (31 آڪٽوبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪينيڊين هاءِ ڪمشنر مس ليسلي اسڪينلن سان ملاقات ۾ چيو آهي ته سندس حڪومت ڪراچي ٽرانسفارميشن پروجيڪٽ ذريعي شهر کي رهڻ لائق بڻائڻ ۽ سيڙپڪاري آڻڻ لاءِ انفراسٽرڪچر کي بهتر ڪري رهي آهي. ملاقات ۾ اوٽاوا ۾ ڏکڻ ايشيا جي ڊائريڪٽر جنرل ميري لوئس هينن ۽ ڪينيڊين سفارتخاني جي پوليٽيڪل، اڪنامڪ ۽ ڪمرشل ڪائونسلر مسٽر ڊينيئل آرسنالٽ پڻ شرڪت ڪئي. وڏي وزير سان سندس سيڪريٽري رحيم شيخ پڻ گڏ هو. ملاقات ۾ اسڪينلن چيو ته ڪراچي هڪ خوبصورت شهر آهي جنهن ۾ سيڙپڪاري جا وڏا موقعا موجود آهن. هن چيو ته ڪينيڊين فوڊ چينز هن وقت اسلام آباد ۽ لاهور ۾ ڪم ڪري رهيون آهن جڏهن ته ڪراچي ۾ فرنچائز کولڻ جو منصوبو بڻائي رهي آهي. وڏي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪراچي ملڪ جو صنعتي حب آهي ۽ صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون وڌيڪ اسپيشل اڪنامڪ زونز قائم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن. هن چيو ته شهر جو بنيادي انفرااسٽرڪچر ، صنعتي علائقن سميت، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (PPP) جي قدمن ذريعي عالمي بئنڪ جي ڪراچي ٽرانسفارميشن پروجيڪٽ جا وسيلا ڪتب آڻيندي ترقي ڪئي پئي وڃي. مراد شاهه بنيادي انفرااسٽرڪچر جي ڪيترن ئي منصوبن جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ ملير ايڪسپريس وي جو مڪمل ٿيڻ، ناردرن بائي پاس جو ڊبل ڪيريج ۽ بندرگاهه کي ڪورنگي ڪاز وي سان ڳنڍيندڙ روڊ جي تعمير شامل آهي جيڪو ملير ايڪسپريس وي سان پڻ ڳنڍيل هوندو. ان کان علاوه هن نيشنل هاءِ وي کي موٽر وي سان ڳنڍيندڙ نئين لنڪ روڊ جي افتتاح جو پڻ ذڪر ڪيو جنهن سان ملڪ اندر سامان جي پهچ ۾ آساني ٿيندي. ڳالهه ٻولهه دوران وڏي وزير پيئڻ جي پاڻي لاءِ سمنڊ جو پاڻي کي صاف ڪرڻ ۽ گهريلو ۽ صنعتي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ گهريلو نيڪال جي ٽريٽمينٽ ۾ پنهنجي حڪومت جي سيڙپڪاري کي اجاڳر ڪيو. هن سامونڊي ۽ ماحولياتي گدلاڻ جي مسئلن تي پڻ ڌيان ڏنو. سيد مراد علي شاهه چيو ته ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳايا پيا وڃن ته جيئن صاف ٿيل گندي پاڻي ۽ صنعتي گندگي کي سمنڊ ۾ نيڪالي ڏني وڃي. هن ٻڌايو ته سندس حڪومت ساحلي پٽي تي لکين مينگروز پوکيا آهن جن سان ڪاربن ڪريڊٽ حاصل ڪري سگهجي ٿو ۽ ڪيٽي بندر ۾ هڪ ٻي وڏي بندرگاهه کي ترقي ڏيڻ جي منصوبن جو اظهار ڪيو. ٿر ۾ ڪوئلي تي هلندڙ پاور پلانٽ جي حوالي سان سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ماحولياتي تحفظ جا عالمي معيار اختيار ڪيا ويا آهن جنهن ڪري ٿر جو ڪوئلو ملڪ ۾ توانائي جو سستو ذريعو بڻجي ويو آهي جڏهن بجلي جي قيمتن بابت سوال ڪيو ويو ته وڏي وزير مس اسڪينلن کي ٻڌايو ته صنعتڪار بجلي جي موجوده قيمتن مان مطمئن نه آهن. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت بجلي جي قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 352 ميگاواٽ جا ٻه پاور پلانٽ لڳائڻ جو ارادو رکي ٿي ۽ بجلي خريد ڪرڻ لاءِ پرائيويٽ پارٽنر حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن ڪينيڊين ڪمپنين کي دعوت ڏني ته هو بجلي جي ورڇ، پاڻي جي منصوبن ۽ تعليم ۾ سيڙپڪاري ڪن. ڪينيڊين سفير چيو ته سندس ڪمپنيون ڪراچي ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولي رهيون آهن. وڏي وزير چيو ته توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ واڌ سان ٿر جي ماڻهن جو طرز زندگي بهتر ٿي رهيو آهي. ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي اڏاوت بابت هن چيو ته قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ وارا گهر ٺاهي رهيا آهيون، ان منصوبي تي سٺي اڳڀرائي ٿي رهي آهي ۽ اميد آهي ته اهو 2025ع جي آخر تائين مڪمل ٿي ويندو جنهن سان 21 لک گهرن کي فائدو پهچندو. آخر ۾ وڏي وزير سنڌ ۾ اقليتن جي حيثيت بابت ڳالهايو ۽ چيو ته کين برابري جا حق حاصل آهن. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي (PPP) جا ٻه چونڊيل هندو پارليامينٽ ميمبر آهن-هڪ ميمبر صوبائي اسيمبلي (MPA) ۽ هڪ ميمبر قومي اسيمبلي (MNA)جڏهن ته سنڌ اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر هڪ عيسائي آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سنڌ کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته اهو هڪ گڏيل سماج آهي جتي مختلف عقيدن جا ماڻهو امن سان گڏ رهن ٿا.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ

Sohaib Super Store
·
اجرک سوٹ 3 پیس
سندھی کڑاھی شرٹ دوپٹہ کڑھائی کے ساتھ
3,000/- روپے ……
( 03094386375 )
WhatsApp


8 رنگ والا بلوچی کڑاھی سوٹ
قیمت 4,000 روپے

( 03094386375 )
WhatsApp


Embroidery Ladies Suit
( 3,000/- )روپے
For Order Please Contact

( 03094386375 )
WhatsApp
================================

اپنا تبصرہ بھیجیں