ڊائو يونيورسٽي اوجھا ڪيمپس ۾ “ڪارڊيڪ ريهیبليٽيشن سروسز” جو آغاز وائس چانسلر پروفيسر نازلي حسين پاران افتتاح

ڪراچي: ڊائو يونيورسٽي اوجھا ڪيمپس ۾ “ڪارڊيڪ ريهیبليٽيشن سروسز” جو باضابطه آغاز ڪيو ويو. او پي ڊي بلاڪ جي پراڻي بلڊنگ جي گرائونڊ فلور تي ڊائو انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيوالاجي جي انتظام هيٺ نون سروسز جو افتتاح وائس چانسلر پروفيسر نازلي حسين تختي جي نقابڪشائي ۽ ربن ڪٽي ڪيو.

هن موقعي تي پرو وائس چانسلر پروفيسر جهن آرا حسن، ڊائو انٽرنيشنل ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپل پروفيسر افتخار احمد، ڊاڪٽر طارق فرمان، بريگيڊيئر شعيب احمد، ڊاڪٽر رستم زمان، ڊاڪٽر فرحان اسحاق ۽ ڊاڪٽر فيصل يامين پڻ موجود هئا.

وائس چانسلر پروفيسر نازلي حسين چيو ته هن نئين شعبي جي شروعات سان دل جا مريض هڪ معمولي زندگي گذارڻ لاءِ رهنمائي ۽ سهائتا حاصل ڪري سگهندا. پروفيسر نازلي حسين نئين شعبي لاءِ نيڪ خواهشن ۽ دعائن جو اظهار پڻ ڪيو.

ان کان اڳ عالمي ڏينهنِ امراض قلب جي حوالي سان منعقد ٿيل واڪ جي اڳواڻي ۽ آگاهي سيمينار ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. سيمينار کي خطاب ڪندي پرو وائس چانسلر پروفيسر جهان آرا حسن چيو ته دنيا ۾ هر سال 2 ڪروڙ ماڻهو دل جي بيمارين سبب فوت ٿين ٿا، جڏهن ته پاڪستان ۾ هي انگ 5 لک تائين پهچي چڪو آهي. لکين ماڻهو رڳو شوگر، بلڊ پريشر ۽ ڪوليسٽرول تي ڪنٽرول ڪري ۽ مناسب دوا استعمال ڪري پنهنجي زندگيون بچائي سگهن ٿا. آگاهي سيمينار، واڪ ۽ ٻين ذريعن وسيلي اسان شعور اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.

افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر طارق فرمان چيو ته سڀني ڪوششن جي باوجود دنيا ۾ دل جا مريض وڌي رهيا آهن، ۽ اڪثر مريض پاڻ کي سماج لاءِ بوجھ سمجهن ٿا. ڊائو يونيورسٽي جي شعبي امراض قلب جي ڪوشش آهي ته اهڙن سڀني مريضن کي ٻيهر هڪ معمولي زندگي ڏانهن آندو وڃي. انهيءَ اصول تحت دل جي افعال جي مڪمل بحالي لاءِ هن شعبي کي قائم ڪيو ويو آهي، جتي دل جا مريض اينجيوپلاسٽي ۽ بائي پاس آپريشن کان پوءِ مڪمل رهنمائي، سهائتا ۽ ورزش جون سهولتون حاصل ڪري سگهندا.

افتتاحي تقريب کان پوءِ تازي ميون مان تيار ڪيل هڪ خصوصي ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو.

اپنا تبصرہ بھیجیں