
ٺٽو(علي گوهر قمبراڻي) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي ڪيل فيصلي موجب پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ٺٽي طرفان سنڌو درياء تان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ واري فيصلي خلاف 25 مارچ اڱاري جي ڏينھن ڏيڍ وڳي محسن ھائوس ٺٽي تان ھڪ وڏي ريلي پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو، پ پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر MNA صادق علي ميمڻ، صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري، صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي سميت صوبائي ۽ ضلعي ٺٽي جي قيادت ۾ ڪڍي ويندي، جيڪا ريلي سنڌو درياء جي دولھ درياء خان پل تي پھچندي، جنھن کي پ پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کھڙو، پ پ پ ضلعي ٺٽي جو صدر MNA صادق علي ميمڻ، صوہائي وزير حاجي علي حسن زرداري، صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي ۽ ٻيا صوبائي توڙي ضلعي قيادت جا اڳواڻ خطاب ڪندا، اھڙي پڌرائي پ پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر ايم اين اي صادق علي ميمڻ پاران ڪئي ويئي اھي، جنھن ڄاڻايو آھي تہ سنڌو درياء تي ڪوبہ تڪراري ڪئنال قبول ناھي، اسان سمورن ڪئنالن کي رد ڪريون ٿا ۽ ضلعي ٺٽي جي عوام کي اپيل ٿا ڪريون تہ ھوء وڌ ۾ وڌ ريلي ۾ شريڪ ٿي ايڪي ۽ ٻڌي جو ثبوٿ ڏيئي سنڌو درياء تي اڏجندڙ سمورن تڪراري ڪئنالن کي ھميشہ لاء رد ڪري اسانجو حصو بڻجن.


