
ڪراچي (19 سيپٽمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ فوڊ سيڪيورٽي بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي اعليٰ سطحي ملاقات ۾ قومي فوڊ سيڪيورٽي پاليسي تيار ڪرڻ ۽ ڪڻڪ جي هارين لاءِ منصفاڻو سپورٽ پرائس مقرر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو تھ جيئن پيداوار ۾ واڌارو ٿئي ۽ آبادگارن کي تحفظ ملي سگهي۔ جمعي ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل هن ملاقات ۾ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو خوراڪ بابت خاص مددگار جبار خان، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري زراعت زمان ناريجو ۽ سيڪريٽري خوراڪ محمد بچل راهپوٽو موجود هئا۔ وفاقي حڪومت جي وفد ۾ وزيراعظم جو خارجه بابت خاص مددگار طارق باجوہ، وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر احمد عزير ۽ جوائنٽ سيڪريٽري نيشنل فوڊ سيڪيورٽي سيد بلال حيدر شامل هئا۔ وڏي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳ ئي فوڊ سيڪيورٽي خدشن بابت خبردار ڪري چڪا آهن۔ هن زور ڏنو ته سپورٽ پرائس کان سواءِ هاري ڪڻڪ پوکڻ ۾ دلچسپي نه وٺندا۔ وفاقي وزير راڻا تنوير حسين وڏي وزير جي خدشن کي تسليم ڪندي چيو ته گذريل سال ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پوک ۾ 6 سيڪڙو گهٽتائي آئي۔ وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته توهان سان ملاقات ڪري قومي سطح تي حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي ڇوتہ وفاقي حڪومت اسٽريٽجڪ ڪڻڪ ذخيرو قائم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي۔ وڏي وزير ٻڌايو ته سنڌ سال 26-2025ع ۾ 3.452 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ پيدا ڪئي ۽ صوبو هن وقت 1.385 ملين ميٽرڪ ٽن ذخيرو رکي ٿو جيڪو نئين فصل تائين ڪافي آهي۔ وڏي وزير چيو ته گذريل سال سپورٽ پرائس نه هجڻ ڪري آبادگارن کي وڏو نقصان ٿيو جنهن سبب ڪيترن ئي هارين پنهنجون زمينون وڪڻڻ يا ٻين فصلن ڏانهن رخ ڪرڻ تي مجبور ٿيا۔ ان جي نتيجي ۾ پوک گهٽجي وئي، پيداوار ۾ گهٽتائي آئي ۽ ڀاڻ سميت ٻين زرعي خرچن جو بار هارين لاءِ ڏکيو بڻجي ويو۔ طارق باجوہ نشاندهي ڪئي ته پاڪستان جي 90 سيڪڙو ڪڻڪ سنڌ ۽ پنجاب ۾ پيدا ٿئي ٿي ۽ انهن ٻن صوبن ۾ ئي 80 سيڪڙو استعمال به ٿئي ٿي۔ هن چيو ته هارين کي سهولت ڏيڻ ئي فوڊ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جو واحد رستو آهي۔ شرڪت ڪندڙن هن ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ڪڻڪ درآمد ڪرڻ بدران مقامي آبادگارن کي سهارو ڏنو وڃي۔ هنن نوٽ ڪيو ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي قيمت في مڻ 3300 کان 4000 رپين جي وچ ۾ آهي تنهنڪري سرڪاري پاليسين جا فائدا فقط وچولي طبقي جي بدران سڌيءَ ريت آبادگارن تائين پهچڻ گهرجن . اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته صوبن جي صلاح مشوري سان هڪ جامع قومي ڪڻڪ پاليسي تيار ڪئي ويندي جنهن ۾ هارين جي حمايت، شفاف خريداري نظام ۽ اسٽريٽجڪ ذخيرا يقيني بڻايا ويندا۔ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هن سال لازمي طور تي سپورٽ پرائس مقرر ڪرڻي پوندي ته جيئن هاري محفوظ ٿين، رڳو اهڙي صورت ۾ ئي اسين پنهنجي عوام لاءِ خوراڪ جو تحفظ يقيني بڻائي سگهنداسين۔
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ


