سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو تي فرانس جو وفد قديم ماڳ موهن جي دڙي جو دورو ڪيو،


موهن جو دڙو( رپورٹ محمد عاشق پٹھان)سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو تي فرانس جو وفد قديم ماڳ موهن جي دڙي جو دورو ڪيو،فرانس جي آيل وفد جي موهن جو دڙو انچارج ظهير احمد جوکيو ويلڪم ڪيو.فرانس جي پرڏيهي سياحن جو وفد موهن جي دڙي جي مختلف اسٽوپا گريٽ باٿ،ڊي ڪي ايريا. ميوزم ۽ ٻيا قديم آثار گهمي ڏٺا.ان موقعي تي پرڏيهي سياحن جو وفد جو چوڻ هو ته موهن جو دڙو عظيم ۽ قديم تهذيبي ورثو آهي هتان جا ماڻهو هزارين سالن کان تهذيب يافتا رهيا آهن.هنن چيو ته هتي اچي ڪري موهن جو دڙو گهمي ڏسي ڪري خوب مزو ورتو آھي،پرڏيهي سياحن جي وفد کي موهن جي دڙي تي مقرر گائيڊ جاويد شيخ قديم آثارن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.پرڏيهي وفد جي سيڪورٽي تمام سخت ڪئي وئي هئي.

اپنا تبصرہ بھیجیں