ميئر ڪراچي بئرسٽر مرتضيٰ وھاب سي اي او واٽر ڪارپوريشن احمد علي صديقي سان گڏجي اولڊ سٽي ايريا، برتن گلي، کجور بازار، جوڙيا بازار، نيپئر روڊ ۽ شاهين ڪمپليڪس سميت مختلف هنڌن جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ اتي جاري سيوريج لائينن جي تنصيب ۽ مرمتي ڪم جو جائزو ورتو.

ڪراچي( )ميئر ڪراچي بئرسٽر مرتضيٰ وھاب سي اي او واٽر ڪارپوريشن احمد علي صديقي سان گڏجي اولڊ سٽي ايريا، برتن گلي، کجور بازار، جوڙيا بازار، نيپئر روڊ ۽ شاهين ڪمپليڪس سميت مختلف هنڌن جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ اتي جاري سيوريج لائينن جي تنصيب ۽ مرمتي ڪم جو جائزو ورتو. دوري دوران ميئر ڪراچي مقامي رهاسين ۽ دوڪاندارن سان ملاقات ڪري انهن جا مسئلا ۽ شڪايتون ٻڌيون ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي تہ سمورين شڪايتن جو فوري ۽ اثرائتو حل يقيني بڻايو وڃي تہ جيئن شهرين کي وڌيڪ تڪليف جو منهن نه ڏيڻو پوي. ان موقعي تي ميئر ڪراچي جو چوڻ هو تہ برساتن کانپوءِ واري صورتحال ۽ عوامي مسئلن کي هو پاڻ مانيٽر ڪري رهيو آهي ۽ اهو يقيني بڻائي رهيو آهي تہ سمورا ترقياتي منصوبا جلدي کان جلدي مڪمل ڪيا وڃن۔ هن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ واٽر ڪارپوريشن جو عملو ڏينهن رات محنت ڪري تہ جيئن منصوبن کي وقت تي مڪمل ڪري سگھجي ۽ عوام کي رليف ملي ۽ شهر ۾ سيوريج جي مسئلن جو مستقل حل ممڪن بڻجي سگهي. ميئر ڪراچي شهرين کي يقين ڏياريندي چيو تہ بلدياتي انتظاميا هر وقت عوام جي خدمت لاءِ سرگرم آهي ۽ ڪراچي جي انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن تہ جيئن شهرين کي بنيادي سهولتون مهيا ڪري سگهجن ۽ شهر کي صاف سٿرو ۽ بهتر بڻائي سگهجي. دوري دوران واٽر ڪارپوريشن جا اعليٰ عملدار، مختلف يوسيز جا چيئرمين ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا.

اپنا تبصرہ بھیجیں