
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) ملڪ جي ناليواري صحافي لالا اسد پٺاڻ کي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جو مرڪزي خزانچي چونڊجي اچڻ تي لاڙڪاڻو پريس ڪلب طرفان پريس ڪلب ۾ آجياڻو ڏنو ويو جنهن ۾ لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صدر مرتضيٰ ڪلهوڙو، جنرل سيڪريٽري نويد لاڙڪ، لاڙڪاڻو يونين آف جرنلسٽس جي صدر طارق محمود دراني، سينيئر نائب صدر اعجاز چانڊيو، جنرل سيڪريٽري اياز ساريو، پريس سيڪريٽري شاهه محمد لاشاري، سينيئر صحافين ڊاڪٽر بدر شيخ، منير احمد سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪري لالا اسد پٺاڻ ۽ ميمبر ايف اِي سي نصرالله وسير سميت ٻين کي سنڌ جي سوکڙي ٽوپي ۽ اجرڪ جا تحفا پيش ڪري سندن مٿان گلن جي ورکا ڪئي. ان موقعي تي صحافين جي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي لالا اسد پٺاڻ چيو ته لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صحافين جو ميڊيا جي آزادي جي خلاف ۽ صحافين سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف تحريڪ ۾ وڏو ڪردار آهي، اسين چاهيون ٿا ته آئين ۾ صحافين سميت هر مڪتبه فڪر جي ماڻهن کي جيڪي حق ڏنا ويا آهن انهن کي پنهنجا حق ڏئي آئين ۽ قانون تي عمل درآمد ڪرايو وڃي.


هن چيو ته جمهوري توڙي آمريت واري دور جا حڪمران حڪومت ۾ اچي ميڊيا جي زبان بندي ٿا ڪن عام ماڻهن کي خبر ناهي پر اسين سمجهون ٿا ته ميڊيا انهن جي ڪرپشن، بيڊ گورنننس، ماڻهن سان زيادتين، زمينن ۽ وسيلن تي قبضن وارن ڪرتوتن کي قلم ۽ ڪئميرا جي اک سان وائکو ڪندو آهي جنهن ڪري ٽي وي تي 70 سيڪڙو سينسرشپ ۽ اخبارن جي مالڪن مٿان دٻاءُ وجهي صحافين جي زبان بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت طرفان پيڪا ايڪٽ جي 26 (اي) جي شق ۾ ترميم ڪئي آهي جنهن تحت ڪنهن به صحافي مٿان ڪو به الزام لڳائي ان کي گرفتار ڪيو ويندو ۽ سپريم ڪورٽ به ان جي ضمانت منظور نه ڪندي ان صحافي کي 20 لک روپيه ڏنڊ به ڏيڻو پوندو، ملڪ جو ڪو صحافي ايڏو خوشحال ناهي جو

هو 20 لک روپيه ڏنڊ ڀري. هن چيو ته قانون ملڪ ۽ قوم جي لاءِ هوندا آهن پر انهن قانون جي وضاحت ٿيڻ گهرجي، قانون ٺاهڻ کان اڳ صحافتي، انساني حقن ۽ وڪيلن تنظيمن سميت اسٽيڪ هولڊرن کي گڏ ويهاري گرينڊ ڊبيٽ ٿيڻ گهرجي جنهن سان ملڪ ۾ بهتر قانون ٺهندا، اسان کي گهوڙي ۽ گڏهه جي لاءِ هڪ ئي قانون ٺاهڻ منظور ناهي، اهڙا ڪارا قانون ٺاهڻ نه گهرجن جيڪي شهري، شخصي ۽ ميڊيا جي آزاديءَ جي خلاف هجن، اهڙي ڪاري قانون جي اسين سخت مذمت


ڪندي وفاقي حڪومت کان مطالبو ٿا ڪيون ته فوري طور پيڪا ايڪٽ واپس ورتو وڃي ڇاڪاڻ پيڪا ايڪٽ صحافين جي خلاف آهي، پيڪا ايڪٽ بابت فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جون حڪومت سان ڳاليهون هلن پيون ۽ حڪومت مهلت به ورتي آهي جيڪڏهن اهو ڪارو قانون واپس نه ورتو ويو ته اسين جلد پيڪا ايڪٽ خلاف وڏي تحريڪ جي شروعات ڪنداسين ته جيئن اسين پنهنجي ايندڙ نسلن کي پابندي کان پاڪ ميڊيا ڏئي سگهون.


