گولاڙچي جو پريمي جوڙو ملندڙ موتمار ڌمڪين سبب دربدري واري زندگي گذارڻ لڳو، وس وارن کي تُحفظ جي اپيل ڪري ڇڏي اھي،

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) گولاڙچي جو پريمي جوڙو ملندڙ موتمار ڌمڪين سبب دربدري واري زندگي گذارڻ لڳو، وس وارن کي تُحفظ جي اپيل ڪري ڇڏي اھي، ان سلسلي ۾ ضلعي بدين، تعلقي گولاڙچي چڪ نمبر 22 جي رھواسڻ مسمات ملوڪ زادي ڌيء محمد نھڙيو پنھنجي مڙس سڪندر ولد غلام حسين نھڙيو سان گڏ پريس ڪلب مڪلي تي پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي تہ ھن 20 ڏينھن اڳ 9 جون 2023 تي پنھنجي مرضي سان سڪندر نھڙيو سان حيدراباد ۾ شادي ڪئي آھي، جنھن سان ھوء خوش زندگي گذاري پئي، پر سندس ماما الھڏنو، حسين نھڙيو، ڀاء خان محمد بھڙيو ۽ ٻيا مائٽ جن ۾ مراد ٿلي، پپو، لال ملوڪ، نور محمد، حاجي، خدابخش، نور حسن نھڙيو ۽ ٻيا جان جا ويري بڻجي اسانکي قتل ڪرڻ سميت منھنجي مڙس جي ماء سميت ٻين عزيزن کي

بہ پريشان ڪري رھيا آھن، جن مان کين جاني، مالي نقصان جو خطرو آھي، مسمات ملوڪ زادي زال سڪندر نھڙيو چيو تہ سندس شادي ھڪ 10 سالہ نينگر سان زبرستي ڪرائي پئي ويئي، جيڪا ڳالھ کيس نہ وڻي ۽ ھن پنھنجي مرضي سان پنھنجو گھر ڇڏي سڪندر نھڙيو وٽ پھچي ان سان شريعت محمدي موجب حق نڪاح شادي ڪري ڇڏي آھي، ھن چيو تہ کيس ڪنھن بہ نہ ورغلايو آھي ۽ نہ ئي ڪنھن اغوا ڪيو آھي، ھن پنھنجي مرضي سان سڪندر سان شادي ڪري ڇڏي اھي، جنھن سان ھوء خوش آھي، پرسندس مائٽن پاران ملندِڙ موتمار ڌمڪين سبب ھو مڪلي تي دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آھن، ھن چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ سميت سمورن وس وارن کي اپيل ڪئي تہ کين تحفظ مھيا ڪري کين قتل جون ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪري کين دربدري واري زندگي مان نجات ڏياري وڃي.
========================

اپنا تبصرہ بھیجیں