
ڪراچي (12 ڊسمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڻويهين ڪراچي انٽرنيشنل بڪ فيئر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سندس علم، ثقافت ۽ تخيل سان ڀريل ميلو قرار ڏيندي چيو ته تقريب جو حصو بڻجڻ هڪ اعزاز جوڳو آهي جنهن ڪتاب سان محبت ڪندڙن، ليکڪن، پبلشرن ۽ پڙهندڙن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو آهي. وڏي وزير هن ميلي کي پبلشرن، ڪتاب فروشن ۽ لائبريرين لاءِ هڪ اهم جاءِ قرار ڏنو جيڪو ادبي برادريءَ ۾ مصروفيت ۽ تعاون کي هٿي وٺرائي ٿو . پنج ڏهاڙي واري اڻويهين ڪراچي انٽرنيشنل بڪ فيئر جي افتتاحي تقريب ايڪسپو سينٽر ۾ ٿي. تقريب ۾ وزير تعليم سيد سردار شاهه، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان جو صدر احمد شاهه، تقريب جي آرگنائيزر وقار متين خان، عزيز خالد پڻ شرڪت ڪئي. تقريب جي اهميت بابت ڳالهائيندي مراد شاهه چيو ته ڪتابي ميلي قومي ۽ بين الاقوامي پبلشرن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪيو جنهن سان خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي ۽ ڪتابن جي وڪري ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته ليکڪن لاءِ پبلشرن ۽ پڙهندڙن سان رابطو ڪرڻ جو موقعو ملندو، تخليقي ڳالهه ٻولهه جي حوصلا افزائي ٿيندي ۽ تنقيدي سوچ جي ثقافت کي هٿي ملندي. وڏي وزير ايونٽ کي ڪامياب بڻائڻ ۾ وقار متين ۽ سندس ٽيم جي قيادت ۾ ڪيل ڪوششن تي منتظمين ۽ مئنيجمينٽ ڪميٽي جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته ادب کي هٿي وٺرائڻ ۽ ڪتابن سان محبت واقعي قابل تعريف آهي. هن سال فيسٽيول ۾ 17 ملڪن جي 40 ادارن شرڪت ڪئي جيڪو پاڪستان لاءِ هڪ اهم ادبي ۽ ثقافتي سنگ ميل آهي. وڏي وزير ملڪ جي سڀ کان وڏي ڪتابي ميلي سان گڏ ٻين ثقافتي تقريبن جهڙوڪه 19هين اردو ڪانفرنس ۽ ڪراچي ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو ثقافتي ميلو ڪوٺائڻ تي فخر جو اظهار ڪيو. ڪتابي ميلي تي تبصرو ڪندي وڏي وزير چيو ته ماڻهن جو وڏو ٽرن آئوٽ ڏسي دل خوش ٿئي ٿي ۽ ڪوشش ڪندس ته ميلي جو تجربو ڪرڻ لاءِ ايندڙ چئن ڏينهن ۾ ٻيهر دورو ڪريان. هن خوشيءَ سان سڀني کي پڙهڻ جي ترغيب ڏيندي پنهنجي خطاب جي پڄاڻي هن جملي تي ڪئي ته “هر ڪتاب هڪ دنيا آهي جنهن کي ڪجه نه ڪجهه ڳولا جو انتظار آهي، هر صفحو هڪ سفر آهي ۽ هر پڙهندڙ پنهنجي ڪهاڻي جو خالق آهي. ڪراچي انٽرنيشنل بڪ فيئر تخليقي سوچ، دانشوراڻي گفتگو ۽ ثقافتي قدرن کي فروغ ڏيڻ لاءِ هڪ روشني مثل آهي جيڪو هر سال وڌندو رهي ٿو. ان موقعي تي ڳالهائيندي تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار شاهه چيو ته روايتي ڪتابن جي دائمي قدر تي زور ڏنو ويو آهي، ان سان گڏوگڏ ڊجيٽل فارميٽ پڻ اهميت ماڻي رهيو آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ اڄ جي دنيا ۾ ڊجيٽل ڪتابن جي پنهنجي اهميت آهي، پر حقيقي ڪتاب جا صفحا ڦيرڻ جي خوشي لاجواب آهي. هن تعليم ۽ علم ۾ مسلمانن جي تاريخ تي روشني وجهندي چيو ته 859ع ۾ مراڪش ۾ القروين يونيورسٽي جي قيام ۽ 9 صدي عيسوي ۾ بغداد ۾ علم جي مرڪز جي حيثيت سان بيت الحڪمه جي ترقيءَ اسان جي تاريخ آهي، ان جي ابتڙ آڪسفورڊ يونيورسٽي 12 صدي عيسويء ۾ قائم ڪئي وئي جيڪا تعليم جي ترقي ۾ مسلمانن جي اهم ڪردار کي ظاهر ڪري ٿي. سردار شاهه افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته وقت گذرڻ سان گڏ مسلمان مختلف چئلينجن سبب پنهنجي علمي ۽ تعليمي قيادت وڃائي رهيا آهن. اسان کي پنهنجي علم ۽ جدت جي شاندار ورثي کي ٻيهر ڳولڻ ۽ ان کي قبول ڪرڻ گهرجي. تعليم واري وزير جي تقرير هڪ ڪال ٽو ايڪشن جي طور تي ڪم ڪيو، ڪميونٽي تي زور ڏنو ته تعليم جي اهميت کي اجاڳر ڪندي ايندڙ نسلن لاءِ پڙهڻ ۽ سکڻ جي ثقافت کي هٿي وٺرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ
ڪراچي (12 ڊسمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ورلڊ بينڪ جي ٽيم جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بنهسين جي اڳواڻي ۾ اعليٰ سطحي اجلاس وڊيو لنڪ ذريعي وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ صوبي ۾ هلندڙ 13 ترقياتي منصوبن تي ٻڌل 3.1 ارب ڊالر جي فعال پورٽ فوليو جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سولر انرجي، انفراسٽرڪچر جي بحالي ۽ شهري ٽرانسپورٽ ۾ اڳڀرائي، بشمول ڪي فور توسيع واري منصوبي کي تيز ڪرڻ، سکر بئراج گيٽ جي خراب ٿيڻ واري واقعي تي روٽ ڪاز اينالائسز (RCA) رپورٽ تيار ڪرڻ تي غور ڪيو ويو. ملاقات دوران وڏي وزير ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سروسز امپرومينٽ پروجيڪٽ (KWSSIP) جي اهميت تي زور ڏنو جنهن جو مقصد صاف پاڻي تائين پهچ کي بهتر بڻائڻ ۽ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ (KWSB) جي آپريشنل ڪارڪردگي کي وڌائڻ آهي. هن منصوبي کي ٽن مکيه حصن ۾ ورهايو ويو آهي جنهن ۾ آپريشنل سڌارا، انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري، ۽ پروجيڪٽ مينيجمينٽ شامل آهن. وڏي وزير اعلان ڪيو ته KWSSIP جي 256 ملين ڊالرن جي چئن توسيع واري منصوبي تي ڪم 30 ڊسمبر 2024ع تي شروع ٿيندو. هن چيو ته زمين جي حصول ۽ ضروري سڌارن واري قدمن کي فيبروري 2025 تائين مڪمل ڪيو ويندو. هن عالمي بئنڪ تي زور ڏنو ته فنڊ جلد جاري ڪيا وڃن ته جيئن منصوبي جي 2025ع جي آخر تائين مڪمل ٿيڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. ورلڊ بئنڪ مدد ڪرڻ جو يقين ڏياريندي تجويز ڏني ته سنڌ حڪومت بعد ۾ معاوضي جي واعدي سان گڏ شروع ۾ پنهنجا فنڊ استعمال ڪري. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته فنڊ جاري ڪرڻ ۾ مدد ڪئي وڃي ته جيئن توسيع وارو ڪم شروع ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ٻين اهم منصوبن تي غور ويچار ڪيو ويو جن ۾ سکر بئراج جي بحالي شامل آهي جتي گيٽ جي خرابي بابت آر سي اي رپورٽ تيار ڪئي پئي وڃي ۽ مينٽيننس، ريپيئر اينڊ آپريشنز (ايم آر او) ڊويزن جي قيام جو اعلان ڪيو ويو. ان کان علاوه، اڪرم واهه جي بحالي ۽ سنڌ واٽر اينڊ ايگريڪلچر ٽرانسفارميشن پروجيڪٽ (SWAT) تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو جنهن جو مقصد زرعي پاڻي جي پيداوار کي بهتر بڻائڻ ۽ ٻوڏ متاثر هارين جي مدد ڪرڻ آهي. اجلاس جو هڪ ٻيو منصوبو ڪراچي موبلٽي پروجيڪٽ (KMP) غور هيٺ آيو جيڪو 382 ملين ڊالرن جو منصوبو هو ۽ ييلو لائين بس ريپڊ ٽرانزٽ (BRT) سسٽم جي ترقيءَ ذريعي ٽرانسپورٽ ۽ رسائي لاءِ ٺاهيو ويو هو. منصوبي تي 12 سيڪڙو اڳڀرائي ٿي چڪي آهي، ڊزائن اڳ ۾ ئي منظور ٿيل آهن، ورلڊ بئنڪ ٽيم جاري ڪم تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ڳالهين ۾ سنڌ سولر انرجي پروجيڪٽ (ايس ايس اي پي) پڻ شامل آهي جيڪو 100 ملين ڊالر جو منصوبو آهي جنهن جو مقصد صوبي ۾ شمسي توانائي جي پيداوار وڌائڻ ۽ بجلي تائين پهچ کي بهتر بڻائڻ آهي. سولر هوم سسٽم (SHS) ڪٽس جي پهرين ترسيل 11 ڊسمبر تي پهتي ۽ ٻي ترسيل فيبروري ۽ مارچ 2025 ۾ پهچڻي آهي. وڏي وزير سرڪاري عمارتن کي سولر ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته 19 سائيٽون ڊسمبر 2024ع تائين مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي جڏهن ته باقي چار عمارتون جنوري 2025ع تائين مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي. سولر پاور پارڪس تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو، زمين جي ليز جي معاهدي ۽ صلاحڪاري خدمتون هن وقت جاري آهن. 500 ملين ڊالرن جي سنڌ فلڊ ايمرجنسي هائوسنگ ريڪنسٽرڪشن پروجيڪٽ (SFHERP) کي سندس ڪارڪردگي ۽ ڪم جي معيار تي ساراهيو ويو. هيستائين 383.3 ملين ڊالر جاري ڪيا ويا آهن جيڪو صوبي جي ٻوڏ جي بحالي جي ڪوششن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اجلاس ۾ سينيئر وزيرن، سيڪريٽرين ۽ عالمي بئنڪ جي عملدارن شرڪت ڪئي، وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته فنڊز جي جاري ٿيڻ جي رفتار تيز ڪئي وڃي ۽ سمورن منصوبن جي وقت سر مڪمل ٿيڻ کي يقيني بڻايو وڃي. وڏي وزير انهن منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو جيڪي صوبي جي ترقيءَ لاءِ انتهائي اهم آهن.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ


