
ڪينال ۾ ڪٽاءُ ۽ نقصان پيش آيا آهن جن جي مرمت لاءِ واپڊا عملدارن فوري قدم کڻي ورتا آهن. انهن نقصانن جي مرمت دوران وڌيڪ نقصان کان بچڻ لاءِ واپڊا عملدارن حب ڊيم مان حب ڪينال ۾ 60 سيڪڙو پاڻي گهٽتائي ڇڏيو. ان حوالي سان چيف انجنيئر بلڪ واٽر ڪارپوريشن جو چوڻ آهي تہ مرمتي ڪم سبب حب ڊيم مان ڪراچي کي معمولي طور 100 ملين گيلن روزانو پاڻي مهيا ڪرڻ بدران رڳو 40 ملين گيلن پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي. ھن چيو واپڊا عملدارن ٻڌايو آهي تہ حب ڊيم ۾ پاڻي جي سطح جي بحالي لاءِ اڄ شام 4 وڳي تائين وقت گهربل هوندو پر واضح رهي تہ حب ڊيم مان حب پمپنگ اسٽيشن تائين پاڻي پهچڻ ۾ تقريباً 12 ڪلاڪ لڳن ٿا. چيف انجنيئر بلڪ چيو تہ مرمتي ڪم سبب ضلعي اولھ، ڪياماڙي ۽ سينٽرل ۾ پاڻي جي فراهمي متاثر ٿي آهي جڏهن تہ واپڊا پاران مرمت مڪمل ٿيندي ئي متاثر علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي معمول موجب بحال ڪئي ويندي. ھن شهريَن کان پاڻي جي فراهمي ۾ عارضي رڪاوٽ سبب پيش ايندڙ تڪليفن تي معذرت ڪندي چيو تہ واٽر ڪارپوريشن جي انتظاميا مسلسل واپڊا عملدارن سان رابطي ۾ آهي ۽ مرمتي ڪم جي جلدي مڪمل ٿيڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪم آندا پيا وڃن. چيف انجنيئر عوام کان اپيل ڪئي تہ هوء پاڻي جي استعمال ۾ احتياط ڪن ۽ اداري سان سهڪار جاري رکن تہ جيئن هن عارضي صورتحال تي جلدي قابو پائي سگهجي
https://www.youtube.com/watch?v=5uur1wv4yi


