اڄوڪو ڏينهن سنڌ جي استادن لاءِ هڪ احتجاجي ڏينهن آهي. گسٽا مرڪز جي سڏ تي، سنڌ حڪومت جي استاد دشمن پاليسين جي خلاف، سڄي سنڌ جيان گورنمينٽ بوائز هائر سيڪنڊري اسڪول کپرو، ضلعو سانگهڙ ۾ به ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي.

ڪارو ڏينهن – استاد جو آواز

اڄوڪو ڏينهن سنڌ جي استادن لاءِ هڪ احتجاجي ڏينهن آهي. گسٽا مرڪز جي سڏ تي، سنڌ حڪومت جي استاد دشمن پاليسين جي خلاف، سڄي سنڌ جيان گورنمينٽ بوائز هائر سيڪنڊري اسڪول کپرو، ضلعو سانگهڙ ۾ به ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي.

استادن پنهنجي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي پنهنجي دل جي تڪليفن کي ظاهر ڪيو، پر ان سان گڏوگڏ هڪ بھترین ۽ خوبصورت مثال به قائم ڪيو—
تعليمي عمل کي روڪڻ بدران، تدريس معمول مطابق جاري آهي. اهو ظاهر ڪري ٿو ته استاد تعليم جا دشمن نه پر اصل ۾ تعليم جا محافظ آهن.

هڪ استاد جي اکين مان نڪري ويل ڳوڙها به شايد هن درد جي ڳالهه ڪن ٿا:

“اسان علم جا ڏيئا ٻاريون ٿا،
پر حڪمران اسان جا ڏيئا و
اهو احتجاج ڪنهن ضد يا سياست لاءِ ناهي، پر پنهنجي حقن لاءِ آهي. استاد چاهين ٿا ته سندن عزت، سندن محنت، ۽ سندن مستقبل محفوظ ٿئي.

اسان جي سماج ۾ استاد کي والدين کان پوءِ وڏي حيثيت ڏني ويندي آهي. جيڪڏهن استاد پاڻ مايوس ٿيندا ته پوءِ تعليم جو ماڻڪ محل ڪيئن ٺهندو؟

آخر ۾ هڪ سچائي اشارن ۾:

“جيڪو استاد کي لتاڙي ٿو،
سو علم جي ديوار کي ڪيرائي ٿو.”

استادن جي آواز کي ٻڌڻ، سندن تڪليفن کي سمجهڻ ۽ سندن حقن کي ڏيڻ ئي سماج ۽ تعليم جي بهتري آهي.

https://www.youtube.com/watch?v=5uur1wv4yi

اپنا تبصرہ بھیجیں