
ڪراچي( )چهلُم شهداءِ ڪربلا جي موقعي تي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن شهر ۾ خاص انتظام مڪمل ڪري ورتا. ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا سمورا انتظام چهلُم کان اڳواٽ مڪمل ڪيا ويا آهن تہ جيئن حضرت امام حسينؑ جي عزادارن کي ڪنهن بہ تڪليف يا ڏکيائي کي منهن نه ڏيڻو پوي. ترجمان چيو تہ واٽر ڪارپوريشن ضلعي انتظاميا، عوامي نمائندن، مذهبي اڳواڻن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن سان مڪمل رابطي ۽ سهڪار ۾ آهي. چهلُم جي جلوسن ۽ مجلسن جي رستن تي ليڪيجز ۽ سيوريج جا مسئلا حل ڪيا ويا آهن جڏهن تہ رستن جي صفائي ۽ مين هولز جي مرمت پڻ مڪمل ڪئي وئي آهي. ھن وڌيڪ ٻڌايو تہ مسجدن، امام بارگاهن، سبيلن ۽ مجلسن جي جڳهن تي پاڻي جي بنا رڪاوٽ فراهمي جاري آهي. جعفريه الائينس ۽ ٻين تنظيمن طرفان لڳايل سبيلن کي بنا معاوضي واٽر ٽينڪرز مهيا ڪيا ويا آهن. ان سلسلي ۾ فوڪل پرسن ٽو سي اي او براءِ هائيڊرنٽس سيل شهباز بشير پاڻي جي ٽينڪرن جي وقت سر فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ آپريشن جي نگراني ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي سي اي او واٽر ڪارپوريشن احمد علي صديقي جو چوڻ هو تہ مذهبي ڏهاڙن جي موقعي شهرين کي بهترين سهولتون مهيا ڪرڻ اداري جي پهرين ترجيح آهي ۽ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي نظام کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کنيا پيا وڃن.


