آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ وومين اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن سينٽرز (ڊبليو پي سي) جي ڪارڪردگي ۽ سڌارن بابت جائزو ورتو ويو،

ڪراچي 21 آڪٽوبر 2024:-

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ وومين اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن سينٽرز (ڊبليو پي سي) جي ڪارڪردگي ۽ سڌارن بابت جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ ڊي آءِ جيز، ڪرائم اينڊ انويسٽي گيشن،اسٽيبلشمينٽ، آءِ ٽي،هيڊڪوارٽرز، سي آءِ اي،سي پي ايل سي جي نمائندن سميت ٻين پوليس افسرن شرڪت ڪئي.

اي آءِ جي جينڊر ڪرائم اينڊ هيومن رائيٽس اجلاس ۾ وومين اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن سينٽرز (ڊبليو پي سي)، SSOIU سميت تعمير هيٺ ون اسٽاپ فيسليٽيشن سينٽرز جي ڪارڪردگي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته صوبي ۾ وومين پوليس اسٽيشنن جو تعداد 7 آهي جڏهن ته عورتن ۽ چائلڊ پروٽيڪشن سينٽرز (WPC) 40 آهن ۽ ويجهي مستقبل ۾ وومين پوليس اسٽيشنز ۽ WPCs کي سنڌ حڪومت جي ماتحت ون اسٽاپ فيسيليٽيشن سينٽرز ۾ تبديل ڪيو ويندو- جنهن جو مقصد پوليس سميت سمورن لاڳاپيل ادارن کي هڪ هيٺ آڻڻ آهي. انهن سهولتن جي ذريعي ڇت، حقن جي تحفظ سان لاڳاپيل جلد ۽ بروقت سهولتون مهيا ڪرڻ.

آءِ جي سنڌ هدايت ڪئي ته وومين پوليس اسٽيشنن جي دائري ۽ حدن سميت گهربل گنجائش ۽ وسيلن تي ٻڌل تفصيلي رپورٽ موڪلي وڃي ۽ ان سلسلي ۾ وڌيڪ ضروري قدمن جو به جائزو ورتو وڃي.

هن چيو ته پوليس اسٽيشنن ۾ موجود عورت اسٽاف ۽ گهربل اضافي عورت اسٽاف جي حوالي سان به رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جڏهن ته پوليسنگ جي ضرورتن ۽ اهميت کي نظر ۾ رکندي عورتن کي ڊيوٽي آفيسرن،محررز ۽ ٻين آفيسن ۾ به مقرر ڪيو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ سنڌ پوليس جو وڏو حصو شايد عورت پوليس آفيسرن تي مشتمل هوندو، تنهن ڪري مستقبل کي نظر ۾ رکندي عورت پوليس آفيسرن جي پروفيشنل ذميوارين جو تعين ڪرڻ ضروري ٿي ويو آهي.

آءِ جي سنڌ چيو ته وومين پوليس اسٽيشنن ۽ سهولت سينٽرن جي ڪردار کي بهتر بڻائڻ سان گڏ انهن کي عوام دوست بڻائڻ تمام ضروري آهي

اپنا تبصرہ بھیجیں