پي ٽي آئي ٺٽي جي ضلعي صدر سيد امجد شاھ، ظھير شاھ، مراد ساٽي، بختيار اڪازئي ۽ وڪيل اصغر ڍولو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته ٺٽي ضلعي اندر بدامني جو راڄ آھي پوليس ڏوهارين ڦوروئن ۽ چورن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آھي جنهن سبب اسٽريٽ ڪرائيم وڌڻ ڪري شھري عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويا آھن،

ٺٽو رپورٽ علي گوهر قمبراڻي
پي ٽي آئي ٺٽي جي ضلعي صدر سيد امجد شاھ، ظھير شاھ، مراد ساٽي، بختيار اڪازئي ۽ وڪيل اصغر ڍولو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته ٺٽي ضلعي اندر بدامني جو راڄ آھي پوليس ڏوهارين ڦوروئن ۽ چورن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آھي جنهن سبب اسٽريٽ ڪرائيم وڌڻ ڪري شھري عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويا آھن، نيشنل پريس ڪلب ٺٽو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي تحريڪ انصاف ٺٽي جي اڳواڻن چيو ته نوان 6 ڪئنال ٺھڻ سان سنڌ ڀڙڀانگ ٿي ويندي، خاص طور تي لاڙ واري خطي جا ضلعا ٺٽو سجاول ۽ بدين سخت متاثر ٿيندا، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي عوام سان گڏوگڏ پي ٽي آئي به اهڙن تڪراري منصوبن کي رد ڪري ٿي. هنن چيو ته پي ٽي آئي سان تعلق رکندڙ اڳوڻي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ارسا ايڪٽ بل جي ترميم تي صحيح نه ڪئي پر موجوده حڪمران ڪنھن به طريقي سان سنڌو درياءُ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ لاء سازشن ۾ رڌل آھن جنھن کي ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. هنن چيو ته ٺٽي ضلعي جي پوليس جي رٽ ختم ٿي وئي آھي ٿوري عرصي دوران ضلعي اندر ڦرن ڌاڙن جون وارداتون وڌي ويون آھن هنن آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪئي ته ضلعي اندر پوليس جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي نوٽيس ورتو وڃي. هنن ملھ پهلوان اياز شاھ جي گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو تہ مٿس داخل ڪيس ڪيس ڪوڙا آھن جيڪي ختم ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي

اپنا تبصرہ بھیجیں