واپاري ۽ صنعتڪار ملڪي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهن: سيد ناصر حسين شاهه


تاريخ 26 فيبروري 2025
واپاري ۽ صنعتڪار ملڪي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهن: سيد ناصر حسين شاهه
سنڌ حڪومت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن ۽ وڏي وزير سید مراد علي شاهه جي هدايت تي صنعتڪار ۽ ڪاروبار دوست پاليسي ڏانهن وڌي رهي آهي، ناصر شاه
توانائي ۽ منصوبابندي واري سنڌ جي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته واپاري ۽ صنعتڪار ملڪ جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا. سنڌ حڪومت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن ۽ وزيراعليٰ جي هدايتن تي صنعتڪار ۽ واپاري دوست پاليسي تي عمل پيما آهي. اهي ڳالهيون هن بزنس فيسيلٽيشن ڪوآرڊينيشن ڪميٽي (BFCC) جي اجلاس دوران خطاب ڪندي ڪيون. اجلاس ۾ مشهور واپاري شبير ديوان، سليم پاريک، ريحان جاويد، جاويد بلواڻي، احمد عظيم ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪي اليڪٽرڪ ۽ سوئي سدرن گئس جا اعليٰ عملدار به شريڪ ٿيا. اجلاس دوران واپاري برادري کي توانائي سان لاڳاپيل درپيش مسئلن ۽ انهن جي حل تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. توانائي واري وزير يقين ڏياريو ته بجلي ۽ گئس بابت صنعتڪار برادري جي شڪايتن ۽ خدشن جو ترت ازالو ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته صدر آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعليٰ صنعتڪارن جي مسئلن ۾ خاص دلچسپي وٺي رهيا آهن. ناصر شاهه زور ڏنو ته وفاقي حڪومت آئيني آرٽيڪل 158 تي عمل ڪري ته گئس جو مسئلو پاڻمرادو حل ٿي ويندو. هن نشاندهي ڪئي ته جيڪو صوبو سڀ کان وڌيڪ گئس پيدا ڪري ٿو، ان جي صنعتن کي مهانگي گئس فراهم ڪئي پئي وڃي. هن واضح ڪيو ته BFCC جو قيام صنعتڪارن ۽ واپارين جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ ٿيو آهي. سنڌ حڪومت توانائي جي مسئلن تي وفاقي حڪومت سان ترجيحي بنيادن تي ڳالهيون ڪندي ۽ باهمي مشاورت سان ٺوس تجويزون تيار ڪيون وينديون. صدر زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ وزيراعليٰ صنعتڪارن ۽ واپارين جي تجويزن جي ڀرپور حمايت ۽ مدد لاءِ تيار آهن.

اپنا تبصرہ بھیجیں