ملڪ جي ڪيترن علائقن ۾ وسڪاري ۽ ڪڙڪ سان گڏ برسات جو امڪان، ٻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ ڳرو

جمعي جي ڏينهن ملڪ جي گهڻن علائقن ۾ بادل ڇانيل رهڻ جو امڪان آهي. البت مٿئين / ڏکڻ اوڀر سنڌ، اتر اوڀر / ڏکڻ پنجاب، اتر اوڀر / ڏکڻ بلوچستان، ڪشمير ۽ مٿئين خيبرپختونخواهه جي ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ ڪڙڪ سان گڏ برسات جي اميد آهي.

ڇنڇر جي ڏينهن ملڪ جي گهڻن علائقن ۾ جزوي طور بادل ڇانيل رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته سنڌ، اتر اوڀر / ڏکڻ پنجاب، اتر اوڀر / ڏکڻ بلوچستان، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ مٿئين خيبرپختونخواهه جي ڪجهه هنڌن تي ڪڙڪ سان گڏ برسات ۽ تيز هوائن جو امڪان آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران موسم:
گذريل ڏينهن دوران اسلام آباد، مٿئين / وچولي پنجاب، ڪشمير، مٿئين خيبرپختونخواهه ۽ گلگت بلتستان ۾ تيز هوائن ۽ ڪڙڪ سان گڏ برسات ٿي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي زورائتي برسات پڻ ريڪارڊ ڪئي وئي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ نمي سان ڀرپور رهيو.

سڀ کان وڌيڪ ريڪارڊ ٿيل برسات (ملی ميٽر):
پنجاب:

راولپنڊي: نيو ڪٽاريا 98، گوالمنڊي 90، ڪچهري 79، چڪلاله 74، پيرودھائي 62، شمس آباد 52

چڪوال 75

اسلام آباد: سيدپور 57، گولڙا 52، زيرو پوائنٽ 49، ايئرپورٽ 45، بوڪرا 43

شيخُوپُورا 34، مري 18، حافظ آباد 16

سيالڪوٽ: ايئرپورٽ 15، شهر 10

اٽڪ 15، اوڪارہ 13، منڊي بهاوالدين 12، گجرات 09، بهاولنگر 07

منگلا، گوجرانوالا، نارووال 04

جهلم 03، ساهيوال 02

نورپور ٿل، جوهرآباد 01

ڪشمير:

مظفرآباد: ايئرپورٽ 17، شهر 16

ڪوٽلي 16، راولا ڪوٽ، ڳڍي دوپٽہ 06

خيبر پختونخواهه:

کاڪول 14، بالاڪوٽ 03

گلگت بلتستان:

گلگت، چلاس، بونجي 02

هنزه، بگروٽ 01

بلوچستان:

خضدار ۾ 02 ملی ميٽر برسات ريڪارڊ ڪئي وئي

گذريل ڏينهن جا تمام گهڻا گرمي پد (سینٽي گريڊ ۾):
دالبندين 44°C

نوڪنڊي 43°C

دادو ۽ تربت 42°C

اسلام آباد جي اڳڪٿي:
جمعو: اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جزوي طور بادل ڇانيل رهڻ جو امڪان، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان. امڪان: 30٪

ڇنڇر: اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جزوي طور بادل ڇانيل رهڻ جو امڪان، ڪجهه هنڌن تي برسات جي اميد. امڪان: 30٪

اپنا تبصرہ بھیجیں