
ڪلري بگهار فيڊر، حب ڊيم ۽ آر بي او ڊي ڊرينج سسٽم کي جلد مڪمل ڪرڻ ۽ فنڊز جو وقت سر جاري ڪرڻ جي هدايت
ڪراچي (11 ڊسمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ھيٺ ڪراچيءَ ۾ پاڻي جي سنگين بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ اهم ۽ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزير توانائي ناصر حسين شاهه، وزير آبپاشي جام خان شورو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، سيڪريٽري خزانه فياض جتوئي سميت لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ عملدار شريڪ ٿيا۔ اجلاس ۾ ڪراچي شهر کي پائيدار، مؤثر ۽ ڊگهي مدي واري پاڻي فراهمي بابت مختلف منصوبن جي اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي۔ وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت شهري آبادي جي پاڻي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، ۽ ڪراچي کي مستقل بنيادن تي پاڻي فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي۔ وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته K-IV گريٽر ڪراچي بَلڪ واٽر سپلائي پروجيڪٽ تحت شهر کي روزانو 260 ملين گيلن پاڻي فراهم ڪرڻ جو هدف مقرر آهي جيڪو ڪينجهر ڍنڍ کان ڪراچي تائين صاف پاڻي جي ترسيل جو سڀ کان وڏو منصوبو هوندو۔ اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته K-IV منصوبو 2020 کان واپڊا جي ماتحت تيزيءَ سان جاري آهي ۽ شهر اندر ان جي توسيع تي به ڪم وڌايو ويو آهي۔ وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته ايڊوانس پريشرائزد پائپ لائين سسٽم ذريعي ڪراچي جي پاڻي کوٽ جو مستقل حل تيار ڪيو پيو وڃي۔ وڏي وزير هدايت ڪئي ته K-IV پروجيڪٽ جي مڪمل فعاليت لاءِ بجلي فراهمي سان لاڳاپيل مالي طريقيڪار فوري طور مڪمل ڪيو وڃي۔ اجلاس ۾ K-IV توسيع منصوبي تحت اهم ريزروائرز — R-1، R-2 ۽ R-3 — بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. برينفگ ۾ ٻڌايو ويو R-1 ريزروائر 65 MGD گنجائش سان ضلعا وچولي، اوڀر ۽ اولهه کي فوري سهارو فراهم ڪندو ۽ راضي گوٺ سميت ڪيترن علائقن ۾ سپلاءِ کي مستحڪم ڪندو۔ R-2 ريزروائر 130 MGD گنجائش سان شهر جي وڏي حصي جي ضرورتن کي پورو ڪندو۔ R-3 ريزروائر 65 MGD سان اولهه ۽ مرڪزي ڪوريڊورز جي سپلاءِ کي مضبوط ڪندو ۽ حب پمپنگ اسٽيشن تائين ترسيل کي وڌيڪ موثر بڻائيندو۔ وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته K-IV گِرڊ اسٽيشن ۽ ٽرانسميشن لائينز بابت معاهدا ٿي چڪا آهن، جيڪي پائيدار پاڻي پمپنگ لاءِ ضروري آهن۔ سنڌ ڪابينا اڳ ئي منصوبن لاءِ هڪويٽي سيڙپڪاري ۽ قرض ڏيڻ جي منظوري ڏئي چڪي آهي۔ وڏي وزير کي ڪلري بگهار فيڊر (KB Feeder) جي لائيننگ بابت پڻ بريف ڪيو ويو، جيڪو K-IV جي پاڻي ڪوتا جي تحفظ لاءِ ضروري آهي۔ وزيراعليٰ سنڌ هدايت ڪئي ته ڪوٽڙي بئراج جي بندش بعد محدود وقت ۾ ڪم جي رفتار وڌائي وڃي، ڇاڪاڻته اهو منصوبو انتهائي اهم آهي۔ 50.989 ارب رپين جي قيمت وارو هي منصوبو وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي مڪمل ڪري رهيون آهن، جنهن سان روزانو 510 ڪيوسڪ پاڻي جي بچت ٿيڻ جي اميد آهي۔ وڏي وزير کي حب ڊيم بابت به بريف ڪيو ويو، جتي 1.075 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن۔ وزيراعليٰ سنڌ حب ڊيم جي سار سنڀال، بناوٽي مضبوطي ۽ پاڻي فراهمي جي تحفظ لاءِ قدم جاري رکڻ جي منظوري ڏني ۽ چيو ته حب ڊيم ڪراچي (سنڌ) ۽ حب (بلوچستان) ٻنهي لاءِ اهم ترين ذريعو آهي۔ وڏي وزير RBOD ڊرينج سسٽم جي فوري بحالي ۽ واپڊا–سنڌ آبپاشي جي گڏيل سهڪار جي به هدايت ڪئي۔ هن چيو ته نيڪال نظام کي سيلابي نقصانن کان بچائڻ شهري ۽ ماحولياتي تحفظ لاءِ لازمي آهي۔ آخر ۾ وڏي وزير هدايت ڪئي ته سڀئي منصوبا وقت سر مڪمل ڪيا وڃن ۽ فنڊز ڄاڻايل شيڊول مطابق وقت سر جاري ڪيا وڃن۔
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ
Load/Hide Comments


