مان خوبصورت آهيان، مون کي شادي لاءِ هڪ سهڻو مڙس گهرجي: وينا ملڪ

ماڊل، اداڪارا ۽ ٽي وي ميزبان وينا ملڪ چيو آهي ته هوءَ هڪ اهڙي عورت آهي جنهن کي خوبصورتي پسند آهي ۽ هوءَ شادي لاءِ خوبصورت مرد چاهي ٿي.
هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي وينا ملڪ دعويٰ ڪئي ته کيس اڃا تائين شادي جون ڪيتريون ئي تجويزون اچي رهيون آهن جڏهن ته سندس والدين به ساڻس رشتي لاءِ رابطو ڪن ٿا.
هن چيو ته هوءَ شادي جي ميسيجز کي نظر انداز ڪندي آهي، ڇو ته هو اهڙين ميسيجز تي ڪهڙو رد عمل ڏئي سگهندي جڏهن هن کي شادي ڪرڻي ئي ناهي.
هن واضح ڪيو ته شهريار چوڌري نالي هڪ شخص سان سندس سٺا لاڳاپا آهن پر اڃا تائين ساڻس شادي ڪرڻ جو حتمي فيصلو ناهي ڪيو.


