تھرپارڪر ضلعي جي پهاڙي علائقي نگرپارڪر ۾ برسات سبب اوچتو آيل وهڪري ۾ تفريح لاءِ آيل سياح ڦاسي ويا. حادثي ۾ هڪ سياح درياهه ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو جڏهن ته ٻين 11 سياحن کي حفاظتي آپريشن ذريعي بچايو ويو.
اطلاعن موجب، مایا ڊيم ڀرسان 12 سياح تفريح کان موٽي رهيا هئا ته رستو وساري وهڪري ۾ ڦاسي پيا. پوليس کي اطلاع ملڻ تي مقامي ماڻهن جي مدد سان پوليس ۽ ريسڪيو ٽيم 11 سياحن کي ڪاميابي سان ٻاهر ڪڍيو.
فوتي سياح، جنهن جو نالو طلحہ ٻڌايو پيو وڃي، ڪراچي جي گارڊن علائقي سان تعلق رکندڙ هو، سندس لاش ڊيم مان ڪڍي وارثن حوالي ڪيو ويو. بچايل سياحن مان 4 جو واسطو ڪراچي ۽ 7 جو مٺي سان آهي، جيڪي ڪارونجهر جبلن ۽ مایا ڊيم جو آبشار ڏسڻ آيا هئا.
پوليس موجب نگرپارڪر ۾ گذريل ڏينهن کان ڪڏهن هلڪي ته ڪڏهن تيز برسات جاري آهي. ضلعي انتظاميه پاران سياحن کي قدرتي هنڌن تي برسات دوران احتياط ڪرڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون آهن ته جيئن اهڙن حادثن کان بچي سگهجي.


