
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي جي ميگا پروجيڪٽ تي ڪم تيزي سان جاري آهي ۽ اهو منصوبو جولاءِ 2026ع تائين مڪمل ٿي ويندو. هن منصوبي جي ٽن حصن تي الڳ الڳ ڪم تيزيءَ سان جاري آهي ۽ ان لاءِ سنڌ جي وڏي وزير ٻئي حصي لاءِ 7 ارب رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي ته جيئن عالمي بئنڪ کان منظوري جو انتظار نه ڪرڻو پوي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ ميمبر پاران ڌيان ڇڪايو نوٽيس واري جواب ۾ ڳالهائيندي ڪيو. سعيد غني چيو ته ته جڏهن اسيمبلي ميمبرن جي تڪ شاهه فيصل ڪالوني وارن علائقن ۾ پاڻي ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ گهٽ ۽ دير سان ڏنو ويندو آهي، پر کين ٻن ذريعن کان پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي ۽ ان ۾ مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن پر ان مسئلي کي جلد حل ڪيو ويندو. جڏهن ته ميمبر K4 پروجيڪٽ بابت سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته ان جا ٽي حصا هڪ ئي وقت هلي رهيا آهن، جنهن ۾ ڪينجهر کان ڪراچي جي لاء واپڊا ڪم ڪري رهيو آهي جيڪو 55 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ اهو ڊسمبر 2025ع تائين مڪمل ٿي ويندو، ٻئي مرحلي جي شفٽنگ آهي. جيڪو ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج امپروومينٽ پروگرام تحت ڪيو پيو وڃي ۽ ان لاءِ سنڌ جي وڏي وزير 7 ارب رپيا ورلڊ بئنڪ جي منظوري جو انتظار ڪرڻ کانسواءِ جاري ڪيا آهن. ۽ اهو ڪم به ڊسمبر 2025ع تائين مڪمل ڪيو ويندو، جڏهن ته ٽئين مرحلي ۾ 50 ميگاواٽ جي پاور اسٽيشن جي تعمير آهي، جنهن تي 16 ارب رپيا لاڳت ايندي، ان تي به حيسڪو ڪم ڪري رهي آهي. ئ انشا الله ان م ڪا رڪاوٽ نه آئي ته اها به ڊسمبر 2025ع تائين مڪمل ڪئي ويندي، جنهن کانپوءِ ٽيسٽنگ جو مرحلو شروع ٿيندو جيڪو 2026 تائين اهو منصوبو مڪمل ڪري ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي شروع ڪرڻ جو امڪان آهي.
ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ غير قانوني اڏاوتن خلاف گذريل 5 سالن جي ڀيٽ ۾ 2024ع ۾ سڀ کان وڌيڪ آپريشن ڪيا ويا ۽ اهو سلسلو اڃا به تيزي سان جاري آهي. جلد ايس بي سي اي جي قانون م ترميم ڪري 20 سيڪڙو خلاف ورزين کي ختم ڪيو ويندو. ۽ غير قانوني اڏاوتن ۾ ملوث ماڻهن جا شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني ويندي. غير قانوني اڏاوتن ۾ ملوث اھڙن آفيسرن خلاف به ڪارروائي ڪئي وئي آھي پر سخت ڪارروائي لاءِ ڪو به قانون موجود نه آھي. مون کي خبر ناهي ته لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪهڙا ڪهڙا سرڪاري ملازم غائب آهن، جيڪڏهن اسيمبلي ميمبر وٽ ڪا لسٽ آهي ته مهرباني ڪري مون کي لسٽ ڏني وڃي ته جيئن اسان انهن جي پگهار ۽ پينشن تي ضرور ڏسنداسين. . اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ اسيمبلي ۾ مڪاني ادارن واري کاتي بابت سوالن جي وقفي دوران مختلف اسيمبلي ميمبرن جي لکت ۾ سوالن ۽ ضمني سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. ڪراچي ۾ غير قانوني اڏاوتن ۽ ان ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڪردار بابت ايم ڪيو ايم ميمبر عبدالباسط جي سوال جي جواب ۾ سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو ته ڪراچي ۾ غير قانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته 2018ع کان 2024ع جي وچ ۾ 8171 عمارتن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي جنهن ۾ 2018ع ۾ 1150، 2019ع ۾ 1220، 2020ع ۾ 976، 2021ع ۾ 1308، 2022ع ۾ 1142، 2023ع ۾ 892 ۽ 2024ع م 1784. عمارتن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي. هن چيو ته ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ غير قانوني اڏاوتن خلاف روزاني جي بنياد تي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ وڏا مسئلا آهن، جيترو ٿي سگهي قدم کنيا پيا وڃن. سعيد غني چيو ته مان اهو به اعتراف ڪريان ٿو ته ڪارروائين باوجود غيرقانوني عمارتن جي اڏاوت کي روڪي نه سگهيو آهيان، قانونن ۾ سخت سزائون نه هجڻ سميت مختلف سبب آهن. سعيد غني چيو ته جيڪڏهن سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو ڪو آفيسر غير قانوني اڏاوتن ۾ ملوث آهي ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي ۽ ڪيترن ئي آفيسرن کي ڪراچي مان بدلي ڪري سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ موڪليو ويو آهي، ان تي به وڌيڪ ڪارروائي ڪنداسين. هن چيو ته موجوده قانونن ۾ 20 سيڪڙو غير قانوني اڏاوتن جي اجازت ڏني وئي آهي، هاڻي اهي قانون تبديل ڪرڻ وارا آهن. غيرقانوني اڏاوتن کي صفر سيڪڙو به اجازت نه ڏني ويندي ۽ غير قانوني اڏاوت ڪندڙن تي هڪ ڪروڙ رپيا ڏنڊ به لڳايو ويندو، ان سان گڏ مان اهو به تجويز ڌيان ٿو ته جيڪڏهن ساڳي بلڊر اهڙي غلطي ڪئي ته ان جو شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بلاڪ ڪيو وڃي. هڪ ضمني سوال تي هن چيو ته اها به حقيقت آهي ته ڪنهن عمارت يا حصي خلاف ڪارروائي ٿيڻ بعد ان کي ٽوڙيو ويندو ته بلڊر مايوس ٿي ويندا آهن. سعيد غني چيو ته مان سمورن معزز اسيمبلي ميمبرن کي به اپيل ٿو ڪريان ته غير قانوني بلڊنگ خلاف مون کي آگاهه ڪن. هن چيو ته ان کان علاوه هڪ ٻي مافيا آهي، آهي جيڪي درخواستون ڏئي معاملي پئسن عيوض درخواست واپس وٺي وڃن ٿا. اسان ڊي جي کي به پابند ڪيو آهي ته شڪايت تي فوري ڪارروائي ڪري، ڇاڪاڻ ته درخواست شڪايت آهي ۽ شڪايتون واپس نه ورتيون وڃن ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. ايم ڪيو ايم جي ميمبر صابر قائمخاني جي سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته هو صوبي جي سمورن ضلعن ۾ فائر ٽينڊرز آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ فائر ٽينڊر به عوام تائين پهچائينداسين فائدو ٿيندو. ايم ڪيو ايم جي ميمبر افتخار احمد جي ضمني سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير سعيد غني چيو ته غير قانوني اڏاوتن ۾ ملوث درجنين آفيسرن کي سزا طور ڪراچي کان ٻاهر منتقل ڪيو ويو آهي، ان سان ٻين آفيسرن کي به پيغام ويو آهي. هن چيو ته سندس دل چاهي ٿي سزا ڏي پر هو قانون کان ٻاهر نٿو وڃي سگهي. ايم ڪيو ايم ميمبر محمد دانيال جي تحريري لکت ۾ سوالن جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته ڪورنگي ضلعي ۾ ٻه فلائي اوور ٺاهيا ويا آهن، جن جا ٻه پاسا آهن، ان کي وسيع نه ڪرڻ جا سبب آهن هن قسم جي فلائي اوور جي ويجهو بجلي جا وڏا ٽاور آهن. هي فلائي اوور ٽاورز کي نظر ۾ رکندي ٺاهيو ويو هو، پر جيڪڏهن اسان اتي ٽريفڪ جا انتظام درست ڪريون ته ڪو مسئلو نه ٿيندو. جوهر چورنگي تي انڊر پاس ۾ پيور لڳائڻ ۽ ڪجهه مهينن کانپوءِ خراب ٿيڻ تي ڪانٽريڪٽر خلاف ڪارروائي بابت سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته ان انڊر پاس جي مرمت به ان ئي ڪانٽريڪٽر طرفان ڪرائي وئي هئي ۽ حڪومت کي ڪروڙين رپيا ڏنا ويا هئا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ايڪسپريس وي جي تعمير مڪمل ٿيڻ بابت معزز ميمبر جي سوال جي جواب ۾ سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو ته اهو منصوبو هلندڙ سال ڊسمبر ۾ مڪمل ڪيو ويندو. هي هڪ وڏو منصوبو آهي. مارچ ۾ قائد آباد تائين هاءِ وي کوليو ويندو جنهن سان شهرين کي وڏو فائدو ٿيندو ۽ ڊسمبر 2025ع تائين ايم 9 سان ڳنڍجي ويندو. گم ٿيل سرڪاري ملازمن بابت سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته کين ڪير ڳوليندو، اهو ڪم گهرو کاتي جو آهي. ايم ڪيو ايم ميمبر دلاور قريشي جي ضمني سوال جي جواب ۾ چيو ته انهن ملازمن جا خاندان سندن پگهارون ۽ پينشن بند ٿيڻ سبب ٻٽي مسئلن جو شڪار آهن، جنهن جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته مون کي خبر ناهي ته ڪهڙا سرڪاري ملازم غائب آهن هڪ فهرست آهي، مون کي نالا ڏيو ۽ اسان ضرور ان تي غور ڪنداسين. ايم ڪيو ايم ميمبر جمال جي سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته ان حوالي سان جتي به شڪايت اچي ٿي ان تي عمل ڪيو وڃي ٿو، پلن جي باقاعدگي سان صفائي ڪرائي وڃي ۽ اتان منشيات کي ختم ڪيو وڃي. جڏهن ته لوهه ۽ ٻين هنڌن تي به چوري ٿيندي آهي. ايم ڪيو ايم جي عورت ميمبر قرت العين خان جي سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته ٻن گريڊن ۾ ڊرائيور ۽ نائب قاصد آهن. انهن کي وڌيڪ عملي جي ضرورت آهي هڪ ضمني سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته رٽائرڊ ملازمن جي پينشن جو مسئلو وڏي حد تائين حل ٿي ويو آهي پر سندن پگهارن جي ادائيگي جو مسئلو مڪمل طور تي جائز آهي ۽ ان کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.
ڪي ايم سي کي پينشن ۽ رٽائرمينٽ لاءِ 13 ارب رپين جي ضرورت آهي. هاڻي ايڇ ڊي اي جي درخواست به آئي ۽ ڪابينا 500 ملين جي منظوري ڏني. ڪي ايم سي ۽ ڪي ڊي اي جي مسئلي جي حوالي سان ڪي ايم سي سنڌ حڪومت کان 2 ارب ۽ ڪي ڊي اي 3 ارب رپيا قرض طلب ڪري ورتو آهي، اسان پاڻ ان مسئلي مان نڪرڻ چاهيون ٿا. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته ڪي ڊي اي ۽ ايس بي سي اي ۾ هڪ لنڪ آهي ۽ سموريون منظوريون گڏيل آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڪارروائي بابت مون ايوان ۾ جيڪو ڪجهه ٻڌايو اهو سڀ غير قانوني اڏاوتن سان لاڳاپيل هئا. اسان انهن سان گڏ ويٺا آهيون ۽ انهن کي ٻڌون ٿا جيڪي قانوني طور تي تعميرات ڪن ٿا. قرة العين شهر جي حدد خلين ۽ ٻين پڇيل سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير سعيد غني چيو ته اهي مسئلا سمورن شهرين جا گڏيل آهن. اسان هنن غير قانوني ٺيلهن کي هٽائي ڇڏيندا آهيون ۽ اهي واپس اچي لڳايا ويندا آهن. دڪاندار پاڻ پنهنجي دڪان جي اڳيان ٺيلها لڳائڻ لاءِ پئسا وٺندا آهن. اسان علائقي جي عوام جي اعتماد تي ڪم ڪنداسين. منهنجي ذاتي راءِ آهي ته روڊن تي ٺيلهن کي هٽائڻ هڪ وڏو مسئلو آهي، تازو ڪراچي جي اهم شاهراهن کي حددخلين کان پاڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. غير قانوني پارڪنگ سبب ٽريفڪ جام جو مسئلو پڻ پيدا ٿيو آهي. ايم ڪيو ايم ميمبر پاران انهن روڊن کي ريگيولر ڪرڻ بابت سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته اسان ڪجهه هنڌن تي نظر رکي رهيا آهيون جتي روڊن تي منتقل ڪنداسين. پر اتي به مسئلا آهن ۽ حڪم اچي ويندا آهن. اهڙي سوال تي ايم ڪيو ايم ميمبر شيخ عبدالله جي ضمني سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته مون کي خبر آهي ته ڪيترائي دڪان ۽ مارڪيٽون ٺهيلن توڙي ٻين ماڻهن کان پئسا ورتا ويندا آهن پر اها سرڪاري فيس ناهي، اها غيرقانوني ڪم آهي. هن چيو ته ٺهيلن وارا غريب ماڻهو هوندا آهن ۽ پنهنجن پيٽ گذر لاءِ روزگار ڪندا. حڪومت جيڪڏهن قدم کڻندي ته تنقيد کانپوءِ تنقيد ٿيندي آهي. اچو ته سموريون سياسي پارٽيون ان ڳالهه تي متفق ٿين ته جيڪڏهن اسان شهرين جي مفاد ۾ ڪم ڪنداسين ته اسان گڏ هونداسين. پوءِ اسان ڪو به قدم کڻي سگهون ٿا. ايم ڪيو ايم عورت ميمبر فوزيه حميد سوال ڪيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي هائي زو گهر ۾ پکين لاءِ ڇا ڪري رهي آهي، ان تي سعيد غني چيو ته ڪراچي جي زو ۾ ٻن واقعن کان پوءِ بهتري آئي آهي. هاڻي جانورن کي چڱي طرح سنڀاليو وڃي ٿو. ايم ڪيو ايم جي ميمبر دلاور قريشي پاران زو کي شهر کان ٻاهر منتقل ڪرڻ جي تجويز تي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته هي هڪ تاريخي زو آهي. اهو 1870 ع کان هتي آهي. هن تاريخي ورثي کي لڏڻ نه گهرجي پر شهر کان ٻاهر نوان زوز ٺاهڻ گهرجن.


