سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس حڪومت مقامي ۽ عالمي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ ڪيترائي مثبت قدم کنيا آهن ۽ اميد آهي ته سيڙپڪار دوست قومي ۽ صوبائي پاليسين سان ملڪ جي معيشت ايندڙ سالن ۾ گهربل ترقي ڪندي.

ڪراچي (30 ڊسمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس حڪومت مقامي ۽ عالمي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ ڪيترائي مثبت قدم کنيا آهن ۽ اميد آهي ته سيڙپڪار دوست قومي ۽ صوبائي پاليسين سان ملڪ جي معيشت ايندڙ سالن ۾ گهربل ترقي ڪندي. هن اهڙو اظهار ڊپلوميٽڪ فورم فار اڪنامڪ اينڊ سوشل امپروومينٽ جي تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ مختلف ملڪن جي قونصل جنرلن ۽ ٻين سفارتڪارن شرڪت ڪئي. صدر آصف هارون وڏي وزير ۽ ٻين سفارتڪارن جو استقبال ڪيو. مراد علي شاهه اٺين ڊپلوميٽڪ اينڊ ايڪسٽرنل ايڊ ايوارڊ 2024ع جي انعقاد تي ڊپلوميٽڪ فورم جي واکاڻ ڪئي. وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت مقامي ۽ عالمي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ ڪيترائي هاڪاري قدم کنيا آهن ۽ مان سمجهان ٿو ته اسان صحيح طرف وڃي رهيا آهيون. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته قومي ۽ صوبائي سطح تي سيڙپڪاري پاليسين جي تسلسل سان پاڪستان ايندڙ سالن ۾ گهربل معاشي ترقي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو. هن چيو ته ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ سڌارا پاڪستان جي سيڙپڪاري جي ماحول ۾ رهنمائي ڪندڙ اصول آهن. هن حڪمت عملي ۾ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ڪيترائي جامع قدم شامل آهن. هن واضح ڪيو ته سڌارن جو مرڪز ڪاروبار شروع ڪرڻ ۽ هلائڻ لاءِ قاعدن کي تبديل ڪرڻ، ٽيڪنالاجي کي بهتر بڻائڻ ۽ ادارن جي صلاحيت وڌائڻ آهي. وڏي وزير پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي ڪردار جو اعتراف ڪيو. هن چيو ته چين، آمريڪا، برطانيه، فرانس، اٽلي، وچ اوڀر ۽ گڏيل عرب امارات جون ملٽي نيشنل ڪمپنيون پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ ڪاميابي سان ڪاروبار ڪري رهيون آهن. اهي ڪمپنيون انساني ۽ سماجي اشارن کي بهتر بڻائڻ لاءِ سماجي ترقي جي شعبي ۾ فعال طور تي سهڪار ڪري رهيون آهن. مراد علي شاهه ملٽي نيشنل ڪمپنين کي پنهنجي ملڪن مان پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ آڻڻ ۾ پاڪستان ۾ مقيم پرڏيهي سفارتڪارن جي مثبت ڪردار جي پڻ واکاڻ ڪئي. آخر ۾ وڏي وزير سفارتڪارن کي پڻ دعوت ڏني ته هو پاڪستان ۽ سنڌ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري آڻين ڇوته هتي مختلف قسمن جي سيڙپڪاري لاءِ ڪيترائي پرڪشش ۽ محفوظ شعبا موجود آهن. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير چين، آمريڪا، برطانيا، فرانس، اٽلي، مڊل ايسٽ ۽ گڏيل عرب امارات جي سفارتڪارن کي سيڙپڪاري آڻڻ لاءِ سندس خدمتن جو اعتراف ڪندي ايوارڊ پڻ ڏنا.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ،وزيراعليٰ سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں