سانوڻي جي 5 ڏينھن کان جاري برسات رحمت بجاء زحمت بڻجي ويئي، اونگر ويجھو ڳوٺ ارباب ڀائي خان ٻٻر ۾ گذريل رات پيل تيز طوفاني برساتن سبب هڪ گهر جي ڇت ڪرڻ جي ڪري گھر ڀاتي پورھيت حسين ٻٻر گھر جي ڇت ھيٺيان اچي دٻجي فوت ٿي ويو،

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) سانوڻي جي 5 ڏينھن کان جاري برسات رحمت بجاء زحمت بڻجي ويئي، اونگر ويجھو ڳوٺ ارباب ڀائي خان ٻٻر ۾ گذريل رات پيل تيز طوفاني برساتن سبب هڪ گهر جي ڇت ڪرڻ جي ڪري گھر ڀاتي پورھيت حسين ٻٻر گھر جي ڇت ھيٺيان اچي دٻجي فوت ٿي ويو، جنھن جي گھر ۾ ڪھرام متل آھي، ٻئي طرف تيز طوفاني برساتن ڪيترن ئي وڌيڪ ڪچن گھرن کي ڊاھي پٽ ڪرڻ سميت مڪلي کان چليا ويندڙ چليا فيڊر جي مين لائين بجلي جا 4 پول ڪرڻ ڪري بجلي گذريل 24 ڪلاڪن کان بند ھجڻ ڪري رھواسي ھن سخت گرمي ۾ سخت پريشان ٿي رھيا اھن، واپڊا عملو بہ بجلي جا پول لڳائي بجلي بحال ڪرڻ وارن ڪمن ۾ مصروف بڻيل آھي، ٻئي طرف برسات سڄي رات وقفي وقفي سان ٺٽو، مڪلي، درگاھ ستيون، چليا، سونڊا، جھمپير، جنگشاھي، گجو، گھارو، ميرپور ساڪرو سميت ضلعي ٺٽي جي ننڍن وڏن شھرن، ساحلي توڙي ڪوھستاني پٽي ۾ جاري رھي، جڏھن تہ تيز طوفاني پيل برساتن بعد ڪوھستاني پٽي جون سموريون ننڍيون وڏيون نيون ۽ برساتي ڍورا وھي پيا آھن، جن جو پاڻي ڪينجھر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪري رھيو آھي، جنھن ڪري ڪينجھر ڍنڍ جي پاڻي جي سطح م بہ اضافو ٿي رھيو آھي، ٻئي طرف برسات سبب ڪافي ڳوٺن ۾ پاڻي بيھڻ ڪري گندگي وڌڻ ڪري مڇرن جو ازار وڌڻ ڪري اڪثر ماڻھون مليريا بخار ۾ وٺجي اسپتالن ڀيڙا ٿي ويا اھن، پر انتظاميہ ڳوٺن مان پاڻي نيڪال لاء ڪي بہ ڪوششون ناھن ورتيون نہ ئي ٺٽي شھر جي شاھي بازار سميت ڪچين آبادين ۾ بيٺل پاڻي جو نيڪال ٿي سگھيو آھي، جنھن ڪري شھري عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آھن، ھوڏانھن برساتون پوڻ ڪري مڇرن جي آزار ۾ اضافي سميت گندگي سبب ڪچي جي رھواسي مالوند ماڻھن بہ پنھنجي چوپائي مال کي ڪاھي جابلو علائقن جو رخ ڪيو آھي. جڏھن تہ سنڌو درياء جي پاڻي ۾ بہ تيزي سان اضافو ٿي رھيو آھي، جنھن ڪري ھن سال بہ سنڌو درياء ۾ بوڏ جو امڪان ظاھر ڪيو پيو وڃي، جنھن ڪري ڪچي جي رھواسين ھاڻي کان ئي لڏپلاڻ جو سلسلو جاري ڪري ڇڏيو اھي، برسات متاثرين سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميہ ٺٽو کان مطالبو ڪيو اھي تہ کين برساتن سبب پھتل نقصان جو ازالو ڪرائي شھرن توڙي ڳوٺن ۾ بيٺل برساتي پاڻي جو نيڪال ڪرائي مڇر مار ڦوھارو ڪرائي عوام کي مڇرن ۽ گندگي جي ازار مان نجات ڏياري پريشاني کان بچائي بجلي جي نظام کي بہ بحال ڪيو وڃي.
=====================

اپنا تبصرہ بھیجیں