ملڪ جي مختلف علائقن ۾ وسڪاري برساتن، ٻوڏن، آندين ۽ هيٽ ويون جو امڪان

شديد برساتن سبب حيدرآباد، ڪراچي، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، ٺٽو، بدين جا هيٺاهين علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو امڪان آهي.

وسڪاري برسات سبب ڊي جي خان، دادو، موسيٰ خيل، بارخان، خضدار، لسبيلو، قلات ۽ قمبر شهدادڪوٽ جي مقامي ۽ برساتي نالن ۾ طغياني اچڻ جو خدشو آهي.

آندين، تيز هوائن ۽ گجگوڙ سبب روزاني سرگرمين ۾ خلل، ۽ ڪمزور انفرااسٽرڪچر (جهڙوڪ بجلي جا کمبا، گاڏيون، سولر پينل وغيره) کي نقصان پهچڻ جو انديشو آهي.

خيبرپختونخوا، مري، گليات ۽ ڪشمير ۾ زمين جي سلائيڊ ٿيڻ سبب ٽريفڪ جي اچ وڃ متاثر ٿيڻ جو خطرو موجود آهي.
موسم جي اڳڪٿي:

جمعي جي ڏينهن:
سنڌ ۽ اتر اوڀر/ڏکڻ بلوچستان جي اڪثر علائقن ۾ وسڪاري برساتن جو امڪان آهي. ڪشمير، خيبرپختونخوا، اسلام آباد، ۽ پنجاب جي ڪجهه علائقن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ برساتن جو امڪان آهي. ڪجهه هنڌن تي وسڪاري برسات پڻ وسڻ جي اميد آهي.

ڇنڇر جي ڏينهن:
ساڳيون حالتون برقرار رهڻ جو امڪان. سنڌ ۽ بلوچستان جي اڪثر علائقن ۾ برسات متوقع آهي. ڪشمير، خيبرپختونخوا، اسلام آباد، ۽ پنجاب ۾ به ڇٽڇٽ برسات جو امڪان آهي، جتي ڪجهه هنڌن تي موسلادھار برسات جو به خطرو موجود آهي.
گذريل 24 ڪلاڪن جو موسم:

پنجاب، خيبرپختونخوا، اسلام آباد، ڪشمير ۽ اتر اوڀر/ڏکڻ بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ برساتون ٿيون، جڏهن ته ڪجھ هنڌن تي وسڪاري برسات به رڪارڊ ٿي.

وڌيڪ برسات رڪارڊ (ميلي ميٽر ۾):

سنڌ:
مٺي 53، ننگرپارڪر 45، اسلام ڪوٽ 30، دهلي 23، ڪلوي 22، ڇاڇرو 15، ديپلو 08،
ڇور 38، حيدرآباد (ايئرپورٽ 29، شهر 21)، بدين 18،
ڪراچي (گلشن حديد 17، يونيورسٽي روڊ 13، فيصل بيس 12، ايئرپورٽ 09، گڊاپ ٽائون، ڪورنگي، ڊي ايڇ اي، نارتھ ڪراچي 08، کيماڙي 06، سرجاني، جناح ٽرمينل 05، مسرور بيس 02)،
ميرپورخاص 17، روهڙي 16، ٽنڊوڄام 11، نوابشاهه 09، لاڙڪاڻو 08، ٺٽو 07، سکر 06، خيرپور، موهن جو دڙو 05، جيڪب آباد، سڪرنڊ 03، دادو 02

پنجاب:
ملتان (ايئرپورٽ 43، شهر 11)، بهاول نگر 40، اوڪاڙا، ساهيوال 37، خانپور 29، رحيم يار خان 26، نارووال 22، خانيوال 17،
لاهور (ايئرپورٽ 13، شهر 12)، حافظ آباد 12، اسلام آباد (سيدپور 12، گولڙا 04، زيرو پوائنٽ 02، بوڪرا 01)،
جھلم، فيصل آباد 09، منگلا، چڪوال، قصور 08، منڊي بهاوالدين 05، جھنگ، ٽوبه ٽيڪ سنگھ، راولپنڊي (پيرودھائي)، شيخوپوره 04، نورپور ٿل 03، مري 02، گوجرانوالا 01

خيبرپختونخوا:
مالم جبه 21، پٽن 12، چراٽ 11، دير 06، لور دير 04، ڪاڪول 03، سيدو شريف 02

ڪشمير:
راولاڪوٽ 11، مظفرآباد ايئرپورٽ، گڙهي دوپٽه 03، مظفرآباد سٽي 01

بلوچستان:
زيارت ۽ لسبيلو ۾ 04 ميلي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي

وڌيڪ ۾ وڌيڪ گرمي پد (°C):
دالبندين، سبّي، جيڪب آباد 46°C
نوڪندي، روهڙي، موهن جو دڙو 45°C

اپنا تبصرہ بھیجیں