شديد مينهن سبب مري، گليات، مانسهره، ڪوهستان، دير، سوات، شانگله، نوشهري، سواٻي، اسلام آباد/راولپنڊي، ڊي جي خان، اتر اوڀر پنجاب ۽ ڪشمير ۾ مقامي ندي نالن ۾ ٻوڏ جو خدشو آهي.
• شديد مينهن سبب اسلام آباد/راولپنڊي، گجرانواله، لاهور، سيالڪوٽ، سرگودھا، فيصل آباد، نوشهري، چار سدها ۽ پيشاور جا هيٺا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو انديشو آهي.
• 27 جون تي حيدرآباد ۽ ڪراچي جي هيٺين علائقن ۾ به ٻوڏ جو امڪان آهي.
• طوفاني هوائن ۽ گرج چمڪ سبب روزمره جي سرگرمين ۾ خلل ۽ ڪمزور انفراسٽرڪچر (بجلي جا کڻ، گاڏيون، سولر پينل وغيره) کي نقصان جو خدشو آهي.
• شديد مينهن سبب خيبرپختونخوا، مري، گليات، ڪشمير ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب ٽرئفڪ متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي.
خميس (26 جون):
ڪشمير، خيبرپختونخوا، اسلام آباد ۽ پنجاب جي گهڻن هنڌن تي تیز هوائون ۽ گرج چمڪ سان مينهن جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي شديد مينهن جو به امڪان آهي. ڏکڻ اوڀر سنڌ ۽ اتر اوڀر/ڏکڻ بلوچستان ۾ پڻ ڪجھ هنڌن تي مينهن، تیز هوائون ۽ گرج چمڪ جو امڪان آهي.
جمعو (27 جون):
ڪشمير، خيبرپختونخوا، اسلام آباد ۽ مٿين/وچولي پنجاب ۾ گهڻن هنڌن تي تیز هوائون ۽ گرج چمڪ سان مينهن جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي شديد کان تمام شديد مينهن جو به امڪان آهي. ڏکڻ پنجاب، سنڌ ۽ اتر اوڀر/ڏکڻ بلوچستان ۾ پڻ تیز هوائون، گرج چمڪ ۽ ڪجھ هنڌن تي شديد مينهن جو امڪان آهي.


