علامه اقبال اوپن يونيورسٽي، علائقائي آفيس ڪراچي جي انتظام هيٺ بي ايڊ پروگرام جي ورڪشاپن جو پهريون مرحلو 16 جون کان 19 جون 2025ع تائين ڪاميابي سان مڪمل ٿيو

ڪراچي:
AIOU
بي ايڊ ورڪشاپون ڪاميابي سان جاري، شاگردن جي ڀرپور شرڪت، پهريون مرحلو مڪمل، ٻيو مرحلو شروع
ڪراچي ( ) علامه اقبال اوپن يونيورسٽي، علائقائي آفيس ڪراچي جي انتظام هيٺ بي ايڊ پروگرام جي ورڪشاپن جو پهريون مرحلو 16 جون کان 19 جون 2025ع تائين ڪاميابي سان مڪمل ٿيو، جڏهن ته ٻيو مرحلو 20 جون کان 22 جون 2025ع تائين جاري رهندو.
ورڪشاپن ۾ شاگردن ۽ شاگرياڻين جي ڀرپور شرڪت ڏسڻ ۾ آئي. ان موقعي تي علائقائي ڊائريڪٽر جناب ذوالفقار علي زرداري ٻڌايو ته ڪورس ڪوڊ 6415 جي تدريسي ذميواري محترمه انجم آرا نڀائي، جڏهن ته ڪورس ڪوڊ 6498 آصف سجاد، ڪورس ڪوڊ 8327 ڊاڪٽر فرزانه نور، ڪورس ڪوڊ 103 جناب منيب الرحمان پاران پڙهايو ويو. ڪورس ڪوڊ 6996 ۽ 8607 لاءِ ٽن گروپن جي ورڪشاپون منعقد ٿيون، جن ۾ گروپ A جي تدريسي ذميواري محترمه قرۃ العين، گروپ B جي محترمه ارم خان، ۽ گروپ C جي جناب ذيشان احمد صديقي سنڀالي. سڀئي ڪلاسون ٽئين ماڙ تي مقرر ٿيل ڪمرن نمبر 304، 301 ۽ 302 ۾ منعقد ٿيون.
ورڪشاپن جي دوران شاگردن جي دلچسپي ۽ ڀرپور شرڪت تي کين ساراهيو ويو، جڏهن ته علائقائي آفيس جي اسٽاف، خاص طور تي مقبول صاحب جي خدمتن تي به خراج تحسين پيش ڪيو ويو۔

اپنا تبصرہ بھیجیں