گهڻو ۽ انتهائي گهڻو مينهن سبب مري، گليات، مانسهره، ڪوهيستان، دير، سوات، شانگله، نوشهرو، صوابي، اسلام آباد/راولپنڊي، ڊي جي خان، اتر اوڀر پنجاب ۽ ڪشمير ۾ مقامي ندي نالن ۾ ٻوڏ جو خدشو آهي.
گهڻي مينهن سبب اسلام آباد/راولپنڊي، گجرانواله، لاهور، سيالڪوٽ، سرگودها، فيصل آباد، نوشهرو، چارسده ۽ پيشاور جي گھٽ علائقن ۾ پاڻي جمع ٿيڻ جو انديشو آهي.
تيز هوائن ۽ گرج چمڪ سبب روزاني معمولات متاثر ٿي سگهن ٿا، ۽ ڪمزور انفراسٽرڪچر (بجلي جا کٻڙا، گاڏيون، سولر پينل وغيره) کي نقصان جو خطرو آهي.
گهڻي مينهن سبب خيبر پختونخوا، مري، گليات ۽ ڪشمير ۾ زميني سلائيڊنگ ٿي سگھي ٿي، جنهن سبب ٽرئفڪ جي آمد و رفت متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.
اربع ڏينهن ڪشمير، خيبر پختونخوا، اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ تيز هوائون ۽ گرج چمڪ سان گڏ وڌيڪ مينهن جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي گهڻي مينهن جي توقع آهي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ گندو رهڻ جو امڪان آهي.
جمعرات ڏينهن ڪشمير، خيبر پختونخوا، اسلام آباد، پنجاب، سنڌ ۽ اتر اوڀر/ڏکڻ بلوچستان ۾ تيز هوائون ۽ گرج چمڪ سان گڏ مينهن جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي گهڻي مينهن جو به امڪان آهي


