امتحانن ۽ نتيجن جو وقت سر اجرا سنڌ ٽيڪنيڪل بورڊ جي عملي جي بي لوث محنت جو نتيجو آهي، چيئرمين مشرف علي راجپوت

ڪراچي ( ) سندھ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن بورڊ ڪراچي جي چيئرمين مشرف علي راجپوت چيو آهي ته امتحانن جو وقت سر انعقاد، شاگردن کي فوري طور مارڪ شيٽ فراهم ڪرڻ، ۽ تعليمي سهولتن ۾ سڌارو رڳو ۽ رڳو بورڊ جي ايماندار ۽ محنتي عملي جي رات ڏينهن جي جدوجهد جو نتيجو آهي. اهي ڳالهيون هن ڪانفرنس هال ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيون.

هن موقعي تي چيئرمين پاران امتحاني سيزن دوران نمايان خدمتون انجام ڏيندڙ محمد يونس ولد غلام اڪبر ۽ عتيق شهزاد ولد رفيق احمد (نائب قاصد) کي نقد انعامن سان نوازيو ويو. چيئرمين چيو ته بورڊ جي ٻين محنتي ملازمن جي اعزاز ۾ به جلد هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي ويندي، جتي انهن جي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي.

بورڊ جي ترجمان زوهيب احمد خان موجب، چيئرمين مشرف علي راجپوت چيو ته بورڊ کي جلد مڪمل طور ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو پيو وڃي. سڀئي شعبي IT سان ڳنڍيا پيا وڃن ته جيئن شاگردن کي وڌيڪ بهتر، تيز، ۽ شفاف سهولتون فراهم ڪري سگهجن. ان سان گڏوگڏ نون تعليمي ڪورسز جي منظوري جو عمل به تيز ڪيو پيو وڃي.

چيئرمين وڌيڪ چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته شاگردن کي پوزيشن حاصل ڪرڻ جي فوري بعد نه صرف شيلڊ، ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا وڃن، پر مارڪ شيٽ به ساڳي وقت فراهم ڪئي وڃي، ته جيئن هو بنا دير جي ايندڙ مرحلي لاءِ تياري ڪري سگهن.

هن بورڊ جي سموري عملي جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته اهو ئي ٽيم ورڪ آهي، جيڪو اسان کي ڪاميابي ڏانهن وٺي پيو وڃي، ۽ اهو ئي جذبو ادارو ترقي جي نون منزلن ڏانهن وٺي وڃي ٿو.

اپنا تبصرہ بھیجیں