ٺٽو ڊائري

رپورٽ علي گوهر قمبراڻي

ٺٽو:ٺٽي جي مشهور درگاھ عبدالله شاھ اصحابي جي سالياني عرس ۽ ميلي جون تقريبون جاري اوقاف کاتي جي صوبائي وزير رياض شاھ شيرازي ميلي تي ايندڙ پانڌيئڙن کان پارڪينگ ٽيڪس جي نالي تي غنڊه ٽيڪس وصول ڪندڙن کي فوري طور گرفتار ڪري وصولي بند ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو مڪلي تي درگاھ عبدالله شاھ اصحابي جي ميلي جي ٻي ڌمال جاري هزارين پانڌيئڙا زائرين پهتل عورتن ۽ نوجوانن پاران سازن تي مست ٿي ڪنڌ ڌوڻي ۽ ڪلٽيون کائڻ سميت مختلف انداز ۾ زائرين پاران درگاھ جي احاطي ۾ باسون باسي سڄي رات ٻارڙن عورتن سان گڏ ويٺل پوليس انتظاميه پاران سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت سي سي ٽي وي ڪئميرائن ذريعي مانيٽرنگ جاري صوبائي وزير اوقاف رياض شاھ شيرازي چيو ته عوامي شڪايتن تي زائرين کان غير قانوني اوڳاڙي برداشت نه ڪئي ويندي اوقاف کاتي جو انتظام درگاھ جي احاطي تائين آهي ٻاهر غير واسطيرا پرائيويٽ ماڻهن پاران زوري اوڳاڙي جون شڪايتون مليون آهن پوليس کي کين گرفتار ڪري غير قانوني وصولين ذريعي زائرين کي پريشان ڪندڙن خلاف ڪاروائي جو حڪم ڏنو آهي

ٺٽو:صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتو حڪومت سنڌ محمد علي ملڪاڻي پاران پنھنجي کاتي جي گوسڙو ملازمن خلاف سخت ڪاروايون جاري ڪندي ٺٽي ۽ ٽنڊو الھيار ضلعن جي مختلف سينٽرن جي آفيسرن ۽ ٻئي عملي جي 14 ملازمن کي معطل ڪندي انھن جي معطلي جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آھي، جنھن بعد کاتي جي ٻين گوسڙو ملازمن ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو آھي، جن پاران پنھنجون نوڪريون بچائڻ لاء ڊيوٽين ۾ لڳي ويا آھن، ان سلسلي ۾ صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز سنڌ محمد علي ملڪاڻي پاران مختلف وقتن به وقتن تي ٺٽي ۽ ٽنڊو الھيار جي ڪيل دوري دوران اسپتالن توڙي وٽرنري سينٽرن تي غير حاضر رھندڙ گوسڙو 14 ملازمن کي معطل ڪري ڇڏيو آھي، جنھن تحت سيڪريٽري ٽو گورنمنٽ آف سنڌ ڊاڪٽر ڪاظم حسين جتوئي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب معطل ٿيل ملازمن ۾ ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ بالادي آفيسر وٽرنري، وٽرنري سينٽر حاجي محمد صديق شورو ضلعو ٺٽو، ڊاڪٽر جتيندر ڪمار وٽرنري آفيسر وٽنري سينٽر حاجي محمد صديق شورو ضلعو ٺٽو. ڊاڪٽر فريہ سيال وٽرنري آفيسر وٽنري سينٽر سونڊا جھرڪ، ضلعو ٺٽو، ڊاڪٽر پارس خاتون وٽرنري آفيسر وٽرنري سينٽر سونڊا جھرڪ ضلعو ٺٽو، ڊاڪٽر راشد علي سولنگي وٽرنري آفيسر وٽرنري سينٽر جھرڪ ضلعو ٺٽو، ڊاڪٽر سباحت انصاري وٽرنري آفيسر وٽرنري سينٽر جھرڪ ضلعو ٺٽو، ڊاڪٽر محمد علي سينيئر وٽرنري آفيسر وٽرنري اسپتال ٺٽو، ڊاڪٽر منظور احمد وٽرنري آفيسر وٽرنري اسپتال ٺٽو، ڊاڪٽر اسد ميمڻ وٽرنري آفيسر وٽرنري ڊسپينسري پيارو لنڊ ضلعو ٽنڊو الھيار، علي مردان جمالي اسٽاڪ اسسٽنٽ وٽرنري سينٽر حاجي محمد صديق شورو ضلعو ٺٽو، حق نواز ملاح اينيمل اٽيڊنٽ وٽرنري سينٽر حاجي محمد صديق شورو ضلعو ٺٽو، معشوق اسٽاڪ اسسٽنٽ وٽرنري سينٽر جھرڪ شھر ضلعو ٺٽو، محمد امين بيلدار وٽرنري سينٽر جھرڪ شھر ضلعو ٺٽو ۽ عبدالطيف جمالي اسٽاڪ اسسٽنٽ وٽرنري ڊسپينسري پيارو لنڊ ضلعو ٽنڊوالھيار جن شامل آھن، جن کي معطل ڪيو ويو اھي، ٻئي طرف ٺٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيواسٽاڪ اينيمل ھسبينڊري ٺٽو ڊاڪٽر فياض وڳڻ صوبائي وزير فشريز ء لائيو اسٽاڪ محمد علي خان ملڪاڻي طرفان ضلعي ٺٽي ۾ فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي غير حاضر رهندڙ ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي کي سروس مان معطل ڪرڻ واري عمل کي ساراھيندي چيو آھي تہ صوبائي وزير جو گوسڙو ملازمن خلاف کنيل اھو سٺو قدم آھي، اھڙين ڪارروائين کانپوءِ ڪوبہ ڊاڪٽر يا ٻيو عملو غير حاضر رھي نہ سگھندو، ھن چيو تہ سمورن ملازمن جي حاضر رھڻ سان اسانجي کاتي ۾ سڌارو اچڻ سان گڏ اسانجو ادارو وڌيڪ ترقي ماڻيندو. لائيو اسٽاڪ کاتي ضلعي ٺٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فياض وڳڻ مالوند ماڻھن کي صلاح ڏيندي چيو آھي تہ ھو پنھنجي جانورن کي موسمي تبديلي سبب گوگي، پليٽ، ٺڪاڻ، ڦڦڙي سميت مختلف بيمارين کان بچاء جا ٽڪا اڳواٽ اسانجي ويجھن سينٽرن سان رابطو ڪري پنھنجي چوپائي مال کي مفت لڳرائي ڇڏين، جيئن ھو امڪاني نقصان کان بچي سگھن. ھن پڻ سمورن ملازمن کي سختي سان ھدايت ڪئي ھو پنھنجون ڊيوٽيون ايمانداري سان ادا ڪن، جيڪو بہ ملازم غير حاصر رھيو تہ ان خلاف ڊپارٽمينٽلي ڪاروائي ڪئي ويندي.

ٺٽو:اڳوڻي صوبائي وزير سينيٽر سسئي پليجو ٺٽي شھر پھچي نامياري پاڻي ماھر اوڀايو خشڪ سان ملاقات ڪئي ۽ سندس عيادت ڪئي. ان موقعي تي سينيٽر سسئي پليجو چيو تہ اوڀايو خشڪ مسلسل قلم ذريعي سنڌ ۾ پاڻي کوٽ، 91ع معاھدي تي ارسا ۽ وفاق جو عمل نہ ڪرڻ، گيٽر ٿل ڪئنال، چولستان ڪئنال سميت ٻين ڪئنالن جي ڪري سنڌ ۾ وڌيڪ امڪاني آبپاشي، زرعي ۽ معاشي تباھڪارين تي لکندو ۽ ماڻھن کي آگاھي ڏيندو اچي، خاص طور تي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي انتھائي گھٽ اچڻ سبب ٺٽو، سجاول، بدين سميت لاڙ ۽ سامونڊي علائقن ۾ ٿيندڙ انساني المين بابت پنھنجي قلم وسيلي عوام ۾ معلومات ۽ لاڳاپيل اٿارٽيز سامھون بہ زميني حقيقتون رکي سوال اٿاريا آھن، اسان جي دعا آھي تہ اوڀايو خشڪ ٺيڪ ٿي اھا آگاھي ۽ جدوجھد وڌيڪ اڳڀرائي سان جاري رکي. سسئي پليجو وڌيڪ چيو تہ اسان سڄي سنڌ ۾ متحرڪ ۽ عوام دوست پاڻي ماھرن کي قدر جي نگاھ سان ڏسون ٿا ۽ کين جس ڏيندي انھن لاءِ نيڪ تمنائن جو اظھار ڪريون ٿا.
ھن چيو تہ سنڌ جو پاڻي ڪيس چٽو ۽ صاف آھي، اسان جي پاڻي بابت ۽ سنڌو دريا تي ڪئنال مخالف جدوجھد ڪامياب ٿيڻ تائين جاري رھندي، سنڌ جو ماڻھو ڪمشور کان ڪيٽي بندر تائين سراپا احتجاج آھي، حڪمرانن کي سنڌ دشمن فيصلا واپس وٺڻا پوندا، سنڌ جي وجود سان ئي ھر ڳالھ سلھاڙيل آھي.
جڏھن تہ پاڻي ماھر اوڀايو خشڪ سينيٽر سسئي پليجو کي سندس انگريزي، اردو ۽ سنڌي ۾ لکيل ڪتاب تحفي طور ڏنا. ان موقعي تي ناليوارو محقق ۽ اديب ڊاڪٽر محمد علي مانجھي، ڊاڪٽر يعقوب خشڪ، فاروق پليجو، فيض محمد ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

اپنا تبصرہ بھیجیں