) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ يوم دفاع جي حوالي سان ڪرڪيٽ چئمپين شپ شروع ٿي ويئي، چئمپين شپ ۾ 32 ٽيمون حصو وٺي رھيون آھن، خبر موجب يونيورسٽي جي ڊائريڪٽوريٽ آف اسپورٽس جي ميزباني ھيٺ ڊفينس ڊي ٽيپ ٽينس ڪرڪيٽ چئمپين شپ شروع ٿي ويئي آھي،


ٽنڊوڄام(پريس رليز) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ يوم دفاع جي حوالي سان ڪرڪيٽ چئمپين شپ شروع ٿي ويئي، چئمپين شپ ۾ 32 ٽيمون حصو وٺي رھيون آھن، خبر موجب يونيورسٽي جي ڊائريڪٽوريٽ آف اسپورٽس جي ميزباني ھيٺ ڊفينس ڊي ٽيپ ٽينس ڪرڪيٽ چئمپين شپ شروع ٿي ويئي آھي، جنھن ۾ يونيورسٽي جي مختلف فيڪلٽين جون 32 ٽيمون ٽائٽل جي لاءِ مقابلو ڪري رھيون آھن، وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري بال کي شاٽ ھڻي چئمپين شپ افتتاح ڪيو، پھرين افتتاحي مئچ فيضان ڪي ڪي ۽ سھيل ڪانڌڙي جي ٽيمن وچ ۾ ٿي، جنھن ۾ پھرين مرحلي ۾ فيضان ڪي ڪي ٽيم 110 رنسون ٺاھيون، سندس بيٽسمين اميت ڪمار 33 رنسن جو اسڪور ڪيو، موٽ ۾ سھيل ڪانڌڙي جي ٽيم مقرر اوورن ۾ صرف 78 رنسون ٺاھي آئوٽ ٿي وئي، ٽيم جي ڪپتان سھيل ڪانڌڙي 28 رنسون ٺاھيون، اھڙي ريت افتتاحي مئچ فيضان ڪي ڪي جي ٽيم کٽي ورتي، ھوڏانھن ان کان اڳ وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري کي رانديگرن سان تعارف ڪرايو ويو، بعد ۾ ھن پنھنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي جا نوجوان تدريسي قابليت سان گڏ راندين جي سرگرمين ۾ به اڳڀرا آھن، اسان کي پنھنجي ملڪ سان محبت ڪرڻ گھرجي ۽ تدريس سان گڏ صحتمند سرگرمين ذريعي ملڪ جونالو روشن ڪرڻ گھرجي، ان موقعي تي ڊائريڪٽر اسپورٽس انوار حسين خانزادي آيل مھمانن کي چئمپين شپ بابت آگاھي ڏني، تقريب دوران ڊين ڊاڪٽر عنايت اللھ راڄپر، ڊين ڊاڪٽر سيد غياث الدين شاھ راشدي، سعيد حيدر گھلو، ڊاڪٽر فھد نظير کوسو، ڊاڪٽر منظور مگسي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.
============================

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں