
آمريڪي ورجن آئلينڊ ۾ هڪ نوان شادي ڪيل جوڙي جو سهاگ رات جو خوشگوار لمحو اچانڪ دردناڪ صورت اختيار ڪري ويو، جڏهن دلھن **وارد سڪيعيڪ** کي آمريڪي اميگريشن ۽ ڪسٽمز انفورسمنٽ (آئي سي اي) حراست ۾ ورتو۔ 22 سالن وارد سعودي عرب ۾ پيدا ٿي ۽ غزه سان تعلق رکندڙ خاندان جي ڪري قانوني طور تي بے وطن آهي۔ هوءَ صرف 8 سالن جي عمر کان آمريڪا ۾ رهي پئي آهي۔
جيتوڻيڪ ان جي پاس “آرڊر آف سپرويژن” هيو، جنهن جي بنياد تي هوءَ ڪم جي اجازت سان آمريڪا ۾ رهي سگهي ٿي، پر 11 فيبروري تي سينٽ ٿامس ايئرپورٽ تي کيس حراست ۾ وٺي ويو۔ ان جو مڙس **طاهر شيخ**، جيڪو آمريڪي شھري آھي، پنھنجي زال جي قسمت بابت لاعلم رهي ويو۔

حالات وڌيڪ خراب ٿي ويا جڏهن گذريل هفتي وفاقي حڪام وارد کي ڪو به منزل ٻڌائڻ بغير ٻاهر موڪلڻ جي ڪوشش ڪئي۔ کيس اسرائيلي بارڊر تي ڇڏڻ جو چيو ويو، پر ٻن ڪلاڪن تائين ايئرپورٽ تي انتظار ڪرڻ کانپوءِ کيس واپس ٽيڪساس جي ڊيٽينشن سينٽر موڪليو ويو۔

وارد جي وڪيل ان جي رهائي لاءِ اپيل ڪئي آهي، جڏهن ته ان جي مڙس پاران جمع ڪرايل گرين ڪارڊ جي درخواست جو فيصلو اڃا تائين ٿيڻ بقيو آهي۔ هي ڪيس اميگريشن قانونن جي پيچيدگين ۽ بے وطن ماڻهن جي مسئلن کي اجاگر ڪري ٿو۔
آمريڪي محڪمي هوم لينڊ سڪيورٽي (DHS) جو چوڻ آهي تہ وارد “پنهنجي قانوني حق استعمال ڪري چڪي آهي” ۽ 2014 ۾ ان جي اپيل رد ٿي چڪي آهي۔ پر، ان جي مڙس ۽ وڪيل جو موقف آهي تہ “آرڊر آف سپرويژن” جي بنياد تي ان جو آمريڪا ۾ رهڻ قانوني آهي۔


