
لاڙڪاڻو/ رپورٹ محمد عاشق پٹھان
لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن پاران مالي سال 2025-26 لاءِ ٽي ارب 81 ڪروڙ 44 لک 78 هزار 260 روپين جو ساليانو بجٽ پيش ڪيو ويو، جيڪو ميئر لاڙڪاڻو انور علي لھر جي صدارت هيٺ ٿيندڙ سالياني اجلاس ۾ باقاعدي منظوري سان منظور ڪيو ويو.
اجلاس دوران چونڊيل نمائندن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ۽ شهر جي انتظامي، مالي، ۽ ترقياتي معاملن تي سڌيءَ ريت خيالن جي ڏي وٺ ٿي.

اجلاس ۾ ڊپٽي ميئر محمد امين شيخ سميت ڪيترن ئي چونڊيل نمائندن شرڪت ڪئي، جن ۾ ايڊووڪيٽ محمد اسلم مغيري، شير محمد لغاري، نعيم تنيو، منير احمد سومرو، بابر ابڙو، شاهزيب ابڙو، محمد قاسم بروهي، دانش لغاري، ڪاشف عمراڻي، ذوالفقار بروهي، سعيد احمد سومرو، ساجد ڊومڪي، غلام نبي ڀٽو، رفيق ڪرماڻي، محمد ابراهيم کوسو، آمنه جمالي، سمرن خان، شبيران جوکيو،ڪمالان ٻرڙو،نصرت پٺاڻ، زينت ڀٽو ۽ ٻيا شامل هئا.

ميونسپل ڪارپوريشن جي پيش ڪيل بجيٽ ۾ سڀ کان وڏو مالي حصو ملازمن جي پگهارن جي مد ۾ رکيو ويو، جيڪو 1 ارب 25 ڪروڙ 62 لک 55 هزار 796 روپيا آهي، جڏهن ته رٽائر ٿيندڙ ملازمن جي پينشن ۽ گريجوئيٽي لاءِ 36 ڪروڙ 50 لک روپيا مخصوص ڪيا ويا.
ان کانسواءِترقياتي ڪمن لاءِ 43 ڪروڙ روپيا، ڊسپوزلن، جنريٽرن، موبل آئل ۽ مرمتي خرچن لاءِ 15 ڪروڙ روپيامختص ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، جيڪو موجوده شهري حالتن جي تناظر ۾ هڪ اهم قدم تصور ڪيو پيو وڃي.

اجلاس دوران چونڊيل ميمبرن شهر جي بنيادي مسئلن جي نشاندهي ڪندي اهم تجويزون پيش ڪيون. خاص طور تي:صفائي نظام جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ ،عوامي پارڪن جي بحالي ،راندين جي ميدانن جي کوٽ سميت ٻيون تجويزون پڻ پيش ڪيون ويون
بجيٽ ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ 43 ڪروڙ روپيا رکڻ شهري بنيادي ڍانچي جي بهتري لاءِ اميد افزا قدم قرار ڏنو ويو آهي.
بجيٽ ۾ اسڪولي شاگردن لاءِ اسڪالرشپ،اقليتن لاءِ امداد،عورتن ۽ ٽرانسنجيندرز،معذورن لا۽ امداد ڪرڻ، نلڪا،سولر پليٽون،ويل چيئرز لا۽ 19 ڪروڙ مختص ڪيا ويا.


