جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي علاج دوران مريضن جي حفاظت کي ايم بي بي ايس ۽ بي ڊي ايس جي نصاب ۾ شامل ڪري ورتو.

انسٽيٽيوٽ آف ميڊڪل ايجوڪيشن طرفان ويجهڙائي ۾” ايجوڪيٽنگ فار پيشنٽ سيفٽي“ جي موضوع تي هڪ سيمنار ڪوٺايو ويو .
سيمينار انسٽيٽيوٽ ۾ قائم ” مريضن جي حفاظت جي مرڪز “ طرفان ترتيب ڏنو ويو هو، جنهن جو مقصد صحت جي شعبي ۾ مريضن جي حفاظت جي اهميت کي تسليم ڪرڻ ۽ شاگردن کي مريضن جي حفاظت بابت حڪمت عملي ۾ شامل ڪرڻ آهي،ان جو مقصد يونيورسٽيءَ کي مريضن جي حفاظت ۽ معياري صحت جي سار سنڀال لاءِ ملڪ ۾ هڪ مشهور تعليمي مرڪز طور تي قائم ڪرڻ آهي.

جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر پروفيسر امجد سراج ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته مريضن جي حفاظت صحت واري نظام جو هڪ بنيادي حصو هئڻ گهرجي.

هن چيو ته اسان جو ادارو مختلف شعبن جي سهڪار، ڀائيواري ۽ آگاهي ذريعي مريضن جي حفاظت جي اصولن کي هٿي ڏيندو ۽ هڪ محفوظ ماحول جوڙڻ لاءِ تحقيق، تعليم ۽ تربيت فراهم ڪندو.

انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل ايجوڪيشن جي چيئرپرسن ڊاڪٽر سيده ڪوثر علي سنڌ ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن جي هڪ خاص گروپ ” اسٽوڊنٽس وائس فار پيشنٽ سيفٽي“ جو تعارف ڪرايو، جنهن جو مقصد مرڪز جي مشن کي هٿي ڏيڻ آهي.

ڊاڪٽر ڪوثر ٻڌايو ته مريضن جي حفاظت جي تعليم جو ڄاڻايل پروگرام جي اڪيڊمڪ ڪائونسل طرفان 2023ع ۾ منظوري ڏني وئي، جيڪو ٻئي سال کان آخري تائين تائين هڪ موضوع طور پڙهايو ويندو، ان جو جائزو بي ڊي ايس ۽ ايم بي بي ايس جي آخري سال جي امتحانن ۾ ورتو ويندو.

رفاہ انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ ڪيئر امپروومينٽ اينڊ سيفٽي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ذڪي الدين احمد قومي سطح تي مريضن جي حفاظت جي جوڳن قدمن تي روشني وڌي.

هن ٻڌايو ته انسٽيٽيوٽ آف ميڊيسن، آمريڪا موجب، طبي غلطين سبب هر سال 44،000 کان 98،000 ماڻهو زندگيءَ جي جنگ هارائي وڃن ٿا، صحت جي عالمي اداري موجب، اسپتال ۾ علاج دوران هر ڏهن مان هڪ مريضن کي نقصان پهچڻ جو خدشو هوندو آهي.

جناح پوسٽ گريجويٽ ميڊيڪل سينٽر جي گائناڪالوجي شعبي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر حليمه ياسمين پنهنجي خطاب ۾ نظرين کي عملي تربيت سان جوڙڻ جي اهميت ۽ تدريسي اسپتالن جي ڪردار تي روشني وڌي.

سيمينار ۾ يونيورسٽيءَ جي قيادت، فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي ۽ صحت واري نظام ۾ مريضن جي حفاظت بهتر بڻائڻ تي پنهنجي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

Sohaib Super Store
·
اجرک سوٹ 3 پیس
سندھی کڑاھی شرٹ دوپٹہ کڑھائی کے ساتھ
3,000/- روپے ……
( 03094386375 )
WhatsApp


8 رنگ والا بلوچی کڑاھی سوٹ
قیمت 4,000 روپے

( 03094386375 )
WhatsApp


Embroidery Ladies Suit
( 3,000/- )روپے
For Order Please Contact

( 03094386375 )
WhatsApp
================================

اپنا تبصرہ بھیجیں