
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) وزير اعلي سنڌ جي معاون خاص پ پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر صادق علي ميمڻ چيو آھي تہ ٺٽي شھر جي گلين کي پڪو ڪرڻ لاء پڪين سرن سان پيور گلين وارو ڪم تيزي سان جاري آھي، جيئن شھري پريشاني کان بچي سگھن، ھن چيو تہ برساتن کان اڳ ئي شھر جي نالن گٽرن جي صفائي وارو ڪم مڪمل ڪرايو ويندو، جيئن شھرين کي برساتن دوران ڪنھن ڏکيائي ئي منھن نہ ڏيڻو پوي. ھن اھي ڳالھيون ٺٽي جي گندرا برادري جي معزز نثار احمد عرف ڇٽو گندرو پاران کيس ٺٽي شھر ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيون، صادق علي ميمڻ چيو تہ پ پ پ عوامي پارٽي جيڪا جھموريت تي يقين رکي ٿي، ھن چيو تہ ھو گندرا برادري جي معزز نثار احمد عرف ڇٽو گندرو ۽ ٻين جو ٿورائتو آھي، جن کيس ھيڏو سارو مان ڏنو آھي، ھن چيو تہ ھو بہ گندرا برادري سان ھر موڙ تي گڏ رھي سندن ساٿ ڏيندو رھندو. پ پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر وزير اعلي سنڌ جي معاون خاص صادق علي ميمڻ وڌيڪ چيو تہ ضلعي ٺٽي جي عوام جا سمورا مسئلا اوليت جي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، عوام پ پ پ جو اڳ جيان ساٿ نڀائيندي رھي، ان موقعي تي گندرا برادري جي معزز نثار احمد عرف ڇٽو گندرو پ پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر صادق علي ميمڻ ۽ ٻين جو ٿورو مڃيندي کين لونگين ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا. آجياڻي تقريب ۾ گندرا برادري جي معزز رئيس محمد سليم گندرو، وڏيرو محمد عرس گندرو، ملاح اڳواڻ ڏاڏا آدم گندرو، عبدالحميد سومرو، ممتاز علي ميمڻ، آفتاب ميمڻ، عبدالغفور ھيجب جاکرو، عامر خان گندرو، محمد حسن صابرو، عمر گندرو، دائود جاکرو، وسو گندرو، عزيز گندرو، بابو گندرو، پپو گندرو، عبدالحميد ميمڻ سميت شھرين ۽ گندرا برادري جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
===========


