
ڪراچي (21 مئي)؛ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پوليو ٽوڙ ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ هر سطح تي احتساب جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. هن چيو ته هر اهو ٻار، جنهن کي پوليو جا ڦڙا نه پياري سگهياسين اهو امڪاني مريض ٿي سگهي ٿو. پوليو عام قدمن سان ختم نه ٿيندو ان لاءِ هدف تي ٻڌل فوري ۽ گڏيل قدم کڻڻ ضروري آهن. اسان کي پڪ ڪرڻي پوندي ته سنڌ جو ڪو به ٻار غير محفوظ نه رهي. وڏي وزير پوليو جي هاڻوڪي وبائي رجحانن جو جائزو وٺندي مهم جي ڪارڪردگي جو تجزيو ڪيو ۽ 26 مئي کان هڪ جون 2025 تائين جاري رهندڙ پوليو مهم جي تيارين کي آخري شڪل ڏني. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پچوهو، وزير بلديات سعيد غني، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمن، سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ، سيڪريٽري وزيراعليٰ زمان ناريجو، سيڪريٽري ڪاليجز شهاب انصاري، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد اوڍو، ڊبليو ايڇ او جي صلاحڪار ڊاڪٽر صلاح هيثمي، بي ايم جي ايف جي سينئر پروگرام آفيسر ماريا مي، اي او سي انچارج ارشاد سوڍڙ، سي اي او پي پي ايڇ آءِ جاويد جاگيراڻي، ساٿاري ادارن جا نمائندا ۽ ايمرجنسي آپريشنز سينٽر سنڌ جا ميمبر شريڪ ٿيا. اسلام آباد مان نيشنل ايمرجنسي آفيسر ڪوآرڊينيٽر ڪيپٽن انورالحق ۽ مختلف ضلعن جا ڊي سي صاحبان وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. ڊاڪٽر عذرا فضل ۽ ارشاد سوڍڙ وزيراعليٰ کي ايندڙ پوليو مهم بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. پوليو اڃا به خطرو آهي؛ وڏ وزير اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار چوندي چيو ته پوليو سبب اڃا تائين اسان جي ٻارن کي معذور ڪرڻ جو خطرو آهي. هن چيو ته اسان تيزي سان قدم کڻي رهيا آهيون ۽ ٽاسڪ فورس جا اجلاس باقاعدي گهرائي انتظاميا کي واضح پيغام ڏيون ٿا ته پوليو خلاف مهم کي مشن طور هلائڻو پوندو. ڊاڪٽر عذرا فضل آگاهي ڏني ته 2025 دوران پاڪستان ۾ پوليو جا 10 وائلڊ وائرس ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جن مان 4 سنڌ مان آهن. وڌيڪ چيو ته 7 اپريل کان 24 اپريل دوران کنيل 35 سيوريج جي نمونن مان 11 ۾ پوليو وائرس جي موجودگي ظاهر ٿي جيڪا وائرس جي جاري گردش جو ثبوت آهي. مئي جي مهم جا هدف ؛ مئي واري مهم دوران سنڌ جي سڀني 30 ضلعن جي 1292 يونين ڪائونسلن ۾ پنجن سالن کان گهٽ ڄمار وارن 1 ڪروڙ 6 لک کان وڌيڪ ٻارن تائين پهچڻ جو ٽارگيٽ مقرر ڪيو ويو آهي. هن مهم ۾ 80 هزار کان وڌيڪ سکيا يافته فرنٽ لائين ورڪرز ۽ 25539 قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار، جن ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبليون به شامل آهن، شرڪت ڪندا. ان دوران 6 مهينن کان 59 مهينن تائين جي ٻارن کي ويٽامن اي جا ڦڙا پڻ ڏنا ويندا. انڪاري والدين ۽ رهجي ويل ٻارن تائين رسائي: ڪراچي سميت خطرناڪ علائقن ۾ موجود چئلينجن سان منهن ڏيڻ لاءِ 157 ڊاڪٽر مقرر ڪيا ويا آهن جيڪي 6780 بيمار ۽ انڪاري ٻارن کي ٽارگيٽ ڪندا. 2524 مستقل انڪاري ڪيسن تائين پهچڻ لاءِ پوليس جي مدد حاصل ڪئي ويندي. وڏي وزير صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته انهن يونين ڪائونسلن ۾ “رفيوزل ڪنوَرجن ڪميٽيز” کي فعال ڪيو وڃي جتي ٻار پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان رهجي وڃن. بنا وقفي جدوجهد ؛ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه زور ڀري چيو ته هر سطح تي احتساب نهايت ضروري آهي. هر رهجي ويل ٻار امڪاني ڪيس آهي. پوليو عام قدمن سان ختم نه ٿيندو ان لاءِ هدف تي ٻڌل فوري ۽ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. اسان کي اجازت نه ڏيڻ گهرجي ته سنڌ جو ڪو به ٻار غير محفوظ رهي. هن وڌيڪ چيو ته پوليو خلاف جنگ اصل ۾ اعتماد، برابري ۽ رسائي جي جنگ آهي. اسان کي والدين، عالمن، استاد، ۽ فرنٽ لائن ورڪرن سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن هر ٻار کي هر ڀيري پوليو جا ڦڙا ڏنا وڃن.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ


